قومي ورثو ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ آهي: آصفا ڀٽو زرداري

مناما (م ڊ) خاتون اول آصفا ڀٽو زرداري بحرين جي دوري دوران بحرين نيشنل ميوزيم ۽ پرل ميوزيم جو دورو ڪيو، جتي کيس ملڪ جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آصفا ڀٽو زرداري بحرين جي قديم دلمان تهذيب، سامونڊي روايتن ۽ تاريخي موتي سازي جي صنعت ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ بحرين جي ماڻهن جي ثقافتي ورثي جي تعريف ڪئي. خاتون اول ان موقعي تي چيو ته قومي ورثو ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ آهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، جنهن جو تحفظ ضروري آهي. هن پاڪستان ۽ بحرين  جي وچ ۾ ثقافتي سهڪار، ثقافتي سفارتڪاري ۽ عجائب گھر جي ڀائيواري جي امڪانن تي پڻ زور ڏنو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اهڙا ثقافتي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ گڏيل تاريخ ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.