حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي چيو آهي ته قومي عوامي تحريڪ پاران 26 ۽ 27 آئيني ترميمن، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ، بدامني، منشيات، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي وحدت تي حملن خلاف 23 جنوري 2026 جمعي شام 5 وڳي ٻنون شهر ڀرسان ڊڀو موري اسٽاپ تي محبت سنڌ مچ ڪچهري ۽ جلسو عام منعقد ڪيو ويندو. هن چيو ته پروگرام جو مهمان خاص قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي سربراهه اياز لطيف پليجو هوندو، جڏهن ته سنڌ جا نالي وارا قومي فنڪار به شرڪت ڪندا. ٻئي پاسي اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي گذريل 18 سالن دوران سنڌ جي زمينن، وسيلن ۽ وحدت کي داءُ تي لڳايو، ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سنڌ کنڊر بڻجي وئي آهي. هن چيو ته مهانگائي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي عوام جو مقدر بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته تعليم، صحت ۽ امن امان بنيادي حقن کان محرومي وڌي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ سدائين بحرانن ۾ رهيو آهي، عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاءِ هٿرادو ايشو پيدا ڪيا پيا وڃن، ترقي ۽ جمهوريت پسند قوتن آڏو هميشا رنڊڪون وڌيون ويون آهن.