اسلام آباد (بيورو) وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ وڻن جي واڍي واري معاملي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سي ڊي اي کي وڻن جي واڍي کان روڪي ڇڏيو، عدالت سي ڊي اي کان وڻن جي واڍي بابت تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي، جسٽس خادم حسين سومرو محمد نويد احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جڏهن ته درخواست گذار طرفان مدثر لطيف عباسي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسلام آباد جي حدن اندر ضابطن ۽ قانونن جي خلاف وڻن جي واڍي جاري آهي، جنهن سبب ماحولياتي تبديليون پيدا ٿي رهيون آهن، جيڪي انتهائي خطرناڪ آهن، عدالت عدالتي ڪمري ۾ موجود اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي روسٽرم تي طلب ڪندي سوال ڪيو ته وڻ ڇو وڍي رهيا آهيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين سي ڊي اي کي وڻن جي واڍي کان روڪي ڇڏيو، عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي پيرا وائز جواب ۽ تفصيلي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.