عمران فاروق جي قاتلن جي مدد ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي 3 ڪارڪنن جي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر) دهشت گردي جي خاتمي واري  عدالت ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قاتلن جي مالي مدد واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي 3 ڪارڪنن  جي ضمانت منظور ڪري ورتي، شهيد عرف مُتحد، شهزاد ۽ ماجد 5.5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدارن ڀارتي ايجنٽ محمد صديق ذريعي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را کان فنڊنگ ورتي، وڪيل عابد زمان چيو ته ڪيس 6 سال اڳ داخل ڪيو ويو هو، جوابدارن جو 6 سالن ۾ تعلق ثابت نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.