حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي چينل واهه، ڦليلي ۽ اڪرم واهه جي ڪپرن تان حددخليون ڄاڻائي گهر ۽ ٻيون اڏاتون ڊاهڻ واري عمل خلاف هالاناڪه ڀرسان صائمه پلازا وٽ سوين ماڻهن عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. جنهن سبب قومي شاهراهه وارو روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون، ڌرڻي جي اطلاع تي پ پ اڳواڻ عاجز ڌامراهه پهچي مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن جو چوڻ هو ته هو ڪيتري ئي وقت کان وٺي چينل، ڦليلي ۽ اڪرم واهه تي گهر ٺاهي ويٺل آهن. انهن مان گهڻن وٽ ملڪيت جا دستاويز آهن، پر هاڻي سوين گهرن کي غير قانوني قرار ڏئي خالي ڪيو ويو آهي ۽ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته انهن کي روڊ جي تعمير تي اعتراض ناهي، پر اسان کي بي گهر ڪري روڊ ٺاهڻ صحيح ناهي، احتجاج جي ڪري قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ معطل ٿي وئي ۽ ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته صبح جو 10 وڳي شروع ٿيل احتجاج دير تائين جاري هو.