سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ ئي سنڌ جي ترقي سمايل آهي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته سنڌ واسي اها ڳالهه مسلسل ڏسندا ٿا اچن ته اقتدار پرست سياست ۽ مرڪز پرست سياست سنڌ ۾ تباهي آندي آهي تنهن ڪري اها سياست جنهن ۾ جيئڻ جا انساني ترقي جا  وسيلا کسي اها سياست جيڪا سنڌ ۽  سنڌيت کي پو ئتي ڌڪي اها سنڌ جي تباهي جي سياست آهي اها پيٽ پرست ۽ سنڌ جي وڪري واري سياست آهي، ڏين اهڙي خيالن جو اظهار محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو حيدرآباد ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي تيارين بابت گهرايل محاذ جساف، هاري فرنٽ، ليبر فرنٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جي سياست سائين جي ايم سيد واري سياست آهي جنهن سياست سان  انسان ترقي ترقي ڪري سگهن ٿا، ان سياست جا بنياد سائين جي ايم سيد وڌا هيا، سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ ئي سنڌ جي ترقي ۽ آزادي سمايل آهي، سنڌ جا ماڻهو 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي سن ۾ تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي هن ڪرپشن ۽ لٽمار واري نظام کان بيزاري جي ثبوت ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.