ٽرمپ طاقت جي زور تي سڄي دنيا مٿان حڪمراني جا خواب پيو ڏسي:ستار رند لال جروار

ٽنڊو باگو (پ ر)عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايسرداس ڪولھي کي پھرين ورسي جي موقعي تي ڀيٽا پيش، کڏھرو کان ريلي ڪڍي آخري آرامگاھ تي گلن جي ورکا ڪري جلسو ڪوٺايو ويو، جلسي ۾ عوامي تحريڪ، سنڌي ھاري تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن  سميت پسگردائي جي عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ  جي ھن بھادر ۽ کاھوڙي اڳواڻ جي ورسي جي  جلسي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ستار رند، لال جروار، مھراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، زرقا ھاليپوٽو، بيگم زئور، مختيار بڪاري، مرتضيٰ شام، ستو ڪولھي آنند ڪولھي، سليمان ھاليپوٽو، ھميرو مل، سيتا ڪولھڻ، پاري ڪولھڻ، ڪنول ،نارائڻ داس، گامون ڪولھي چيو ته ايسرداس ڪولھي عوامي تحريڪ جي باني قائد رسول بخش پليجي جي ڏنل پورھيت انقلابي فڪر، نظريي ۽ واٽ جو سچو ۽ وفادار سپاھي ھو، ھوُ زندگي جي آخري گھڙين تائين پارٽي سان لاڳاپيل ۽ سمورين سنڌ دشمن جدوجھد ۾ سرگرم رھيو، ھُن مثالي عوامي انقلابي زندگي گذاري، اسان کي پنھنجي ساٿي جي وفاداري ۽  جدوجھد تي فخر آھي، اسين کيس سرخ سلام پيش ڪريون ٿا، اڳواڻن چيو ته آمريڪي سامراج مٿان ٽين عالمي جنگ جو ڀوت سوار آهي، آمريڪا دنيا ۾ پنهنجي لٺ سرداري قائم رکڻ لاءِ آدم بوء آدم بوء ڪندو ماڻهو مارائي رهيو آهي، شام، لبنان، عراق، افغانستان، فلسطين کانپوءِ هاڻ آمريڪا ايران، وينزويلا، ڪيوبا، ڪولمبيا ۽ برڪينا فاسو ۾ به رت جون نديون وهائڻ چاهي ٿو، آمريڪي سامراج دنيا تي پنهنجي لٺ سرداري قائم رکڻ لاءِ دنيا جي ملڪن ۾ جنگيون ۽ مداخلت ڪري رهيو آهي، آمريڪي سامراج عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آھي، ڊونلڊ ٽرمپ طاقت جي زور تي سڄي دنيا مٿان حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسي رھيو آھي، انساني حقن، آزادي ۽ جمھوريت جي نالي ۾ صدر ٽرمپ آزاد ۽ خود مختيار ملڪن مٿان حملي آور ٿي عوام جي آزادي ۽ خود مختياري تي راتاھو ھڻي ٿو، وينزويلا جي صدر ۽ سندس گھر واري کي اغوا ڪري آمريڪا عالمي دھشت گردي جو ثبوت ڏنو آھي. جنگي خرچن سبب آمريڪا قرضن ۾ ڪارو ٿي ويو آهي، آمريڪا پنهنجون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ دنيا جي سمورن ملڪن جا وسيلا ڦٻائڻ چاهي ٿو، آمريڪا سنڌ جي وسيلن تي به قبضا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ملڪ جا حڪمران سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا وسيلا آمريڪا حوالي ڪرڻ جي ڳجهي ڊيل ڪري چڪا آهن، اڳواڻن چيو ته پاڪستان جا حڪمران دنيا مٿان ٽئين عالمي جنگ مڙھيندڙ، آزاد ۽  خودمختيار ملڪن ۽ قومن جي آزادي ۽ خودمختياري صلب ڪندڙ، فلسطين ۾ معصوم ٻارڙن سميت لکين فلسطينين جيان اسرائيل هٿان قتل ڪرائيندڙ آمريڪي صدر ٽرمپ کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن، پاڪستان جي حڪمرانن ملڪ جي 25ڪروڙ عوام کي آمريڪا سامراج، آئي ايم ايف ۽ عالمي سامراجي ادارن وٽ وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ ۾ گذريل ارڙھن سالن کان مسلسل پيپلزپارٽي جي عوام دشمن وڏيرڪي ٽولي جي حڪمراني آھي جن سنڌي قوم جي اجتماعي قومي مفادن ۽ وسيلن کي اقتدار خاطر وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ پوليس کي  وڏيرن، جاگيردارن ۽ قبيلائي سردارن جي ماتحت ڪري پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ماڻھو مارڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آھي، پيپلزپارٽي جي ارڙھن سالن جي اقتداري دور ۾ ڌاڙيل راڄ، لاقانونيت،منشيات ،صحت، تعليم ۽  ڪرپشن سميت سمورن ادارن جي تباھي کان سواءِ عوام کي ڪجھه ناھي ڏنو، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون مقامي بي زمين سنڌي ھارين کي ڏيڻ بدران ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ وفاقي ادارن ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي ڏنيون ويون آھن، مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي  جي حڪومت جمھوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت قائم ڪري ڇڏي آھي، اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ،تيل، ڪوئلو،گئس، سامونڊي پٽي پنھنجا شھر ۽ قديمي ڳوٺ بچائڻ لاءِ پرامن جمھوري جدوجھد ڪرڻ لاءِ تياري ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.