اسلام آباد (بيورو) ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا خلاف تڪراري ٽوئيٽس ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج افضل مجوڪا ڪئي، ٻڌڻي دوران هادي علي چٺا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ايمان مزاري شاهد شهروز تي پاڻ جرح ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ڪجهه سوال پاڻ ڪرڻ چاهي ٿي، جج افضل مجوڪا چيو ته شاهد شهروز تي جرح مڪمل ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ جرح جو حق ختم ڪيو ويندو، اسلام آباد ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر چوڌري نعيم گجر عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته سومر جي تاريخ ڏني وڃي، ان کان پوءِ ڪا به ملتوي جي درخواست نه ڪئي ويندي، ايمان مزاري جي طبيعت خراب آهي ۽ هو پاڻ جرح ڪرڻ چاهي ٿي، پراسيڪيوشن طرفان ملتوي جي مخالفت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته عدالت شاهد کان حلف وٺي جرح شروع ڪرائي، ان موقعي تي بار صدر نعيم گجر ۽ پراسيڪيوٽر راڻا عثمان وچ ۾ ڪورٽ روم ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، نعيم گجر چيو ته حلف وٺي ڏيکار، ڏسون ٿا ڪيئن وٺين ٿو، مان بار جو صدر آهيان، توھان جي پيءُ جو نوڪر ناهيان، اکيون اتي ڏيکار جتان آيو آهين، صدر بار نعيم گجر پراسيڪيوٽر سان مڪالمو ڪندي چيو ته تون حلف وٺ، ٽنگون ٽوڙي موڪليندس، ڪورٽ روم ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ تي جج افضل مجوڪا اٿي چيمبر ۾ هليو ويو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو، وقفي کان پوءِ ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه عدالت ۾ پيش نه ٿيا، پراسيڪيوٽر راڻا عثمان چيو ته ڪورٽ ۾ آفيسر آف دي ڪورٽ تي هٿ کنيو ويو، سوال اٿاريائين ته نعيم گجر بار جو صدر آهي يا غنڊو، عدالت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي ضمانت رد ڪري ڇڏي ۽ ملزمان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدارن جو جرح جو حق به ختم ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اڄ 342 تحت بيان قلمبند ڪيو ويندو. ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.