غيرقانوني الاٽمينٽ ريفرنس ڪيس، ملڪ رياض سوڌو 10 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾ غير قانوني الاٽمينٽ ريفرنس ڪيس ۾ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پيش نه ٿيو، عدالت ۾ وڪيل صفيه پاران درخواست داخل ڪئي وئي ته قائم علي شاهه کي سندس خراب صحت جي ڪري ڇوٽ ڏني وڃي، عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سيد قائم علي شاهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ گهرجي، عدالت ۾ آغا قاصد عباس ۽ جاويد حنيف سميت 13 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، اڳوڻو ڊي جي ايس بي سي اي جوابدار  منظور قادر پيش نه ٿيو.ملڪ رياض سميت 10 جوابدارن کي روپوش قرار ڏيڻ جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو، عدالت ۾ نيب جي  پراسيڪيو چيو ته مهلت ڏني وڃي ادارن کان ڪو به جواب نه مليو، عدالت ملڪ رياض، زين ملڪ ۽ احمد علي رياض سميت 10 روپوش  جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻجوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سيد قائم علي شاهه جي بريت جي درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪرڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي به ملتوي ڪري ڇڏي، جوابدار صديق ماجد ۽ ضياءُ الدين نيب جي جواب تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو،عدالت مختيار علي اقبال ميراڻي سميت 7 جوابدارن کي سمن جاري ڪري ڇڏيا،جوابدارن تي سپر هاءِ وي ڪراچي جي ويجهو بحريا ٽائون کي 17,500 ايڪڙ زمين الاٽ ڏيڻ جو الزام آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.