ايران ۾ حالتون سڌرڻ لڳيون، آمريڪي حملي جو خطرو نه ٽريو، خطي ۾ هاءِ الرٽ

تهران/نيو يارڪ/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وچ ايشيا هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ جو شڪار آهي جتي ايران تي امڪاني آمريڪي حملي بابت خطري واري صورتحال آهي. عالمي ادارن اولهه جي فوجي ذريعن جو حوالو ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته سڀ ثبوت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته ايران تي ويجهڙ ۾ حملو ٿي سگهي ٿو. غير امڪاني اپاءُ آمريڪي عسڪري حڪمت عملي جو اهم حصو هوندا آهن، ان لاءِ ڄاڻي واڻي صورتحال کي غير واضح رکيو ويو آهي. ان اڳڀرائي سان ئي سفارتي سطح تي به غير معمولي سرگرميون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. برطانيا ايران مان پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرائي ورتو آهي جڏهن ته برطانوي سفير کي به تهران مان واپس طلب ڪيو ويو آهي. ان معاملي کي امڪاني فوجي ڪارروائي سان ڳنڍيو پيو وڃي.  ان جي ابتڙ ايران ۾ احتجاج ۽ بدامني کانپوءِ ملڪ جي مختلف حصن، خاص طور تي راڄڌاني تهران ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ نظر اچي ٿي، سڪيورٽي ادارا الرٽ آهن ۽ امن امان جي بحالي  لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهن.  ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ چيو ته ايران ۾ امن قائم آهي، صورتحال مڪمل ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته جون جهڙي غلطي ٻيهر نه ورجايو، نه ته اهو ئي نتيجو نڪرندو جيڪو اڳ نڪتو هو، عزم کي بمباري سان ٽوڙي نٿو سگهجي. ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزير ايراني پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايران عارضي طور تي بند ڪرڻ کان پوءِ پنهنجون هوائي حدون ٻيهر کولي ڇڏيون.  ٻئي طرف، جرمن ايئر لائنز اسرائيل لاءِ رات جون اڏامون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪي 19 جنوري تائين بند رهنديون. آمريڪا اڳ ئي پنهنجي ڪمرشل اڏامن کي ايراني هوائي حدون استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.  آمريڪي ميڊيا طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي زوردار ۽ فيصلائتو حملو چاهي ٿو. ٽرمپ ڊگهي جنگ بدران مختصر ڪارروائي چاهي ٿو. ٻئي پاسي اسرائيلي ميڊيا موجب، اسرائيلي آرمي چيف فوري دفاعي تيارين جو حڪم ڏو آهي، اتر اسرائيل سميت مختلف علائقن ۾ بم شيلٽر کلڻ شروع ٿي ويا آهن. اسرائيل کي اميد آهي ته آمريڪا يران تي حملن کان اڳ وارننگ ڏيندو. ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ اوول آفيس ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته ايران ۾ وڏي پئماني تي ڦاهين جو ڪو منصوبو ناهي، اها ڄاڻ اهم ذريعن وٽان ملي آهي ته فوتگيون رڪجي ويون آهن. ٻئي پاسي ٽرمپ انتظاميا قطر ۾ آمريڪي فوجي ايئر بيس العديد تان ڪجهه اهلڪارن کي نڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته برطانيا به قطر جي آمريڪي فوجي اڏي تان پنهنجو عملو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  پاڪستان چيو آهي ته ايران تي حملي لاءِ فضائي حدن جي استعمال جي ڪا اجازت ناهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايران ۾ ڦاٿل پاڪستاني شاگردن جي واپسي جو سلسلو به جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران خلاف ڪنهن به ملڪ جي امڪاني ڪارروائي ۾ پنهنجي فضائي حدن جي استعمال جي حوالي سان پنهنجو موقف ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته جون 2025ع ۾ جڏهن آمريڪا يران تي حملو ڪيو هو ته پاڪستان جون فضائي حدون حملي لاءِ استعمال نه ڪيون هيون. هن چيو ته وڏي انگ ۾ شاگرد گوادر پهچي چڪا  آهن ۽ ايران مان واپس ايندڙ شاگردن جي سهولتڪاري لاءِ مڪمل انتظام ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان هموار واپاري لاڳاپا چاهي ٿو ۽ ايران سان واپار عالمي قانونن موجب ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ايران جي صورتحال تي نظر آهي، پاڪستان مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو. اميد آهي ته ايران جلد پنهنجي داخلي مسئلن تي ضابطو آڻيندو ۽ حالتون معمول طرف اچي وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.