ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان پاران پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جنهن ۾ ٽريڊ يونين اڳواڻ ناصر منصور ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته سرمائيدارن صنعتي ادارن ۾ پورهيتن کان بنيادي حق کسيا آهن ۽ پورهيتن لاءِ ڪم جون حالتون ڏينهون ڏينهن بدتر ٿينديون پيون وڃن. هنن لانڍي سيسي اسپتال ڪميٽي ۾ پورهيتن جي نمائندي ڪامريڊ اقبال ابڙو جي گمشدگي، مبينا تشدد، هٿيارن جي زور تي ڀتو وٺڻ، فيڪٽري ساڙڻ ۽ قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ جهڙن بي بنياد الزامن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. اڳواڻن الزام لڳايو ته اقبال ابڙو کي 9 جنوري جي شام عوامي ڪالوني ماڊل پوليس اسٽيشن جي عملدار پوليس اسٽيشن گهرايو، جتي کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. پريس ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته عملدار کي فوري طور معطل ڪري واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن پورهيتن سان ناانصافي جاري رهي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.