حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي ترقي پسندن، قومپرستن، پاڻي ماھرن، سول سوسائٽي جي نمائندن، وڪيلن ۽ صحافين سنڌو درياھ تي ڪنھن به ڊيم يا ڪئنال کي قبضي برابر سمجھندي ناقابل قبول قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌندي 30 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي.زرعي سڌارا آڻي موسمياتي تبديلين سان منھن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، 26ھين ۽ 27 ھين آئيني ترميم رد ڪري ڇڏي. سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران سنڌ ھاري ھلچل تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي چوٿين ورسي ڪالھه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ملھائي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گھڻ گھرن ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ھارين لاء ڪيل جدوجھد تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. ورسيء جي موقعي تي ڪوٺايل ,,سنڌ پاڻي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي چيو ته ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ھاري ھلچل تحريڪ جو وڏو آواز ھو، ھن چيو ته سنڌو درياءَ 7 ڪروڙ سنڌين جو وجود، تھذيب ۽ جياپو آھي، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي، سنڌو درياءُ تي سنڌ جو ماڻھو ڪوبه ڊيم يا ڪئنال اڏڻ نه ڏيندو، ھن چيو ته سنڌي قوم پنھنجي وطن جي مالڪي تان ھٿ نه کڻندي ۽ نه ئي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏيڻ ڏينداسين. ھن چيو ته سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ پاڻي جا وهڪرا ڇوڙ نه ٿيڻ جي ڪري سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌندي 30 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي چڪو آھي، انڊس ڊيلٽا کان ويندي تمر جا ٻيلا تباھ ٿي ويا آھن. ھن چيو ته سنڌ جي وحدت تي ڪوبه وار برداشت نه ڪنداسين،. عوامي ورڪز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ بخشل ٿلھو چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جھڙا ڪردار سماج لاءِ مثبت سوچ ڏيندڙ رت جا اڇا جزا آھن. ھن چيو ته حڪمرانن ھارين کي بک ۽ بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي. سنڌ جي مزاحمت جو رستو پنھنجو آھي، سنڌ پنھنجي وطن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ پرامن جدوجھد جي رستي آھي، ھن چيو ته سنڌ پاڻي جي معاملي تي ٻٻرلوءِ جھڙي به مزاحمت ڪري سگھي ٿي. ھن چيو ته اسان سڀئي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي مالڪي لاء گڏ آھيون. نيشنل پارٽي سنڌ وحدت جي صدر تاج مري چيو ته سنڌ جو ھاري، ناري ۽ پورھيت طبقو پڙھيل طبقو آھي، جيستائين اھو طبقو ترقي جي راھ تي نه ايندو تيستائين سنڌ به ترقي نه ڪري سگھندي، ھن چيو ته سنڌو درياء ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سمنڊ 30 لکين ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، جيڪڏھن سمنڊ جي والار کي نه روڪيو ويو ته سمنڊ حيدرآباد تائين پھچي ويندو. نامياري پاڻي ماھر ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر اسماعيل ڪنڀر چيو ته ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ھارين لاء جدوجھد مشعل راھ آھي. ھن چيو ته سنڌ جي جر جو پاڻي 85 سيڪڙو کارو آھي، جيڪو ماڻھو واپرائڻ سبب بيمارين ۾ مبتلا آھي، سنڌ طاس معاھدو پاڻي جو عالمي معاملو آھي، 1991ع پاڻي ايڪٽ ملڪ اندر صوبن جي وچ ۾ پاڻي ورڇ جو قانون آھي. ھن چيو ته پاڻي جي عالمي قانون مطابق پاڻي تي پھريوڻ حق پڇڙي وارن علائقن جو آھي پر سنڌ کي عالمي توڙي علائقائي پاڻي قانون مطابق حصي جو جائز پاڻي نه ملي رھيو آھي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ اقبال ملاح چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جھڙا ڪردار ضياءَ جي مارشل لا سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ھئا، اڄ به ميڊيا مٿان پيڪا ايڪٽ جي شڪل ۾ مارشل لا مڙھيل آھي، اھڙي قانون سان صحافين ۽ عوام جي زبانن جي تالابندي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ، جيڪڏھن صحافت کي پابندين کان آجو نه ڪيو ويو ته وڏي تحريڪ شروع ڪنداسين. ھن چيو ته سنڌ پنھنجي جياپي جي ذريعي سنڌو درياءَ تي ڪڏھن به قبضو ڪرڻ نه ڏيندي، ماھرن جي راءِموجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ساليانو 30 ملين ايڪڙ فوٽ کان وڌيڪ پاڻي جا وهڪرا ڇوڙ ڪيا وڃن. جسقم بشير خان جي اڳواڻ پنھل ساريو چيو ته ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي پورھيتن لاء وڏي جدوجھد آھي، اسان ڪامريڊ رمضان کي قومي سلام پيش ڪيون تا. ھن چيو ته سنڌ اڄ به غلامي جي پاتال ۾ اڇلائي وئي آھي، سنڌي سمنڊ جا وسيلا، زمينون ھڙپ ٿي رھيون آھن، سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو پاڻي نه پر زھر واپرائي رھيا آھن. سنڌ صوفي فورم جي سرواڻ ڊاڪٽر بدر چنا چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جھڙن ڪردارن جي ڪري ئي سنڌ جو شعور گڏ ٿيندو آھي، سنڌ سدائين سياسي ۽ جمھوري پرامن تحريڪ ھلائي آھي. پورھيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ نثار لغاري چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي کاٻي ڌر جي نظريي جو ماڻھو ھو، جنھن ھارين جي حقن لاء آواز بلند ڪيو.سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ انور علي چيو ته ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي جدوجھد کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا. سنڌين نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ محب آزاد لغاري چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي جدوجھد تي پاڻي ڪانفرس ڪرائي سنڌ جي مسئلن تي ڳالھائڻ تمام بھتر روايت آھي. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته سنڌ پاڻي جي اڻهوند کي منھن ڏئي رھي آھي، سنڌ جا ڪروڙين ھاري ۽ آبادگار بنيادي حقن کان محروم بڻيل آھن. ڪامريڊ رمضان خاصخيلي يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حسين خاصخيلي چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سڄي زندگي ھارين ۽ پورھيتن جي لاء جدوجھد ڪئي. سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سڪرنڊ جي مزاحمتي مٽيء جو سگھارو ڪردار آھي، جنھن ھارين لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي. نامياري صحافي عبداش پنھور چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سان گڏجي ھارين جي حقن لاء جھر جھنگ جھاڳيوسين. ھن چيو ته اڄ جا ھاري پريشان آھن. انھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻي پوندي. جميلا صالح بلو چيو ته ڪامريڊ رمضان خاصخيلي سڄي زندگي ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ ارپي ڇڏي، ھن چيو ته پاڻي ۽ زمين تي پھريون حق سنڌ جي ھارين جو آھي. تقريب کي وطن دوست انقلابي پارٽي جي اڳواڻ جبار صبحپوٽو، ايڊوڪيٽ جي ايم لغاري، ڪامريڊ ايسرداس ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن ته سنڌ پاڻي ڪانفرس ۾ سنڌ جي گھڻ گھرن گڏيل ٺھراء پاس ڪندي چيو ته سنڌو درياء 7 ڪروڙ سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي، جنھن تي ڪوبه ڊيم يا ڪئنال اڏڻ جي منصوبن کي درياء تي قبضي برابر سمجھندي اھڙا سنڌ دشمن منصوبا ناقابل قبول آھن. سنڌ طاس معاھدي تي مڪمل عملدرآمد ڪرائي سنڌو درياء جي فطري وھڪرن کي روڪڻ وارين سازشن کي بند ڪيو وڃي، 1991ع پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي پنھنجي حصي جو پورو پاڻي ڏئي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي ماھرن جي راء موجب ساليانو گھٽ ۾ گھٽ 30 ملين ايڪڙ پاڻي جا وهڪرا ڇوڙ ڪري انڊس ڊليٽا، تمر جي ٻيلن ۽ تيزي سان لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندڙ سمنڊ جي والار کي روڪيو وڃي. پاڻي ڪانفرس ۾ اھا به قرارداد پاس ڪندي گھر ڪئي وئي ته سامونڊي پٽيءَ مان لڏ پلاڻ ڪندڙ لکين ماڻھن سميت سڄي سنڌ جي غير رجسٽرڊ ٿيل ھزارين ڳوٺن کي رجسٽرڊ ڪري ماڻھن کي تحفظ ۽ مستقل رھائش جا مالڪاڻا حق ڏنا وڃن. سنڌ جي وحدت تي ڪوبه وار برداشت نه ڪيو ويندو، سنڌ وطن کي ورھائي نون صوبن جي سازشن کي سختي سان رد ڪندي اھڙين سازشن سان ڀرپور مھاڏو اٽڪائي سخت مزاحمت ڪئي ويندي. پيڪا ايڪٽ ميڊيا مٿان مارشل لا ۽ عوام جي زبانن جي تالابندي ڪرڻ واري قانون کي رد ڪندي واپس وٺڻ ۽ صحافين سان گڏجي اھڙي قانون ۾ مثبت ترميم ڪرائڻ واري جدوجھد ۾ ساٿ ڏيڻ جو به اعلان ڪيو ويو.