اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ڪو به ونڊر بواءِ نه ايندو، نه ئي ڪو سون جي جاءِ تي هيرو اچي رهيو آهي. هڪ پروگرام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هر شام 20 کان 25 ٽاڪ شوز ٿي رهيا آهن ، اهڙيون ڪهاڻيون اينديون رهن ٿيون انهن تي بحث ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال تي، مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينئر اڳواڻ جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهو ئي سببآهي ته 8 فيبروري تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. جيڪڏهن يقين ڏياريو وڃي ته عمران خان جي ملاقات 8 فيبروري جي روڊ بلاڪ هڙتال لاءِ استعمال نه ڪئي ويندي ته پوءِ ملاقات سڀاڻي صبح ٿي سگهي ٿي. عظميٰ خان کي يقين ڏيارڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن عمران خان سان پڻ ملاقات ڪئي آهي. مون محمود خان اچڪزئي کي وزيراعظم سان ملاقات جي آڇ ڪئي هئي، پر هو پهريان اڊيالا جيل وڃڻ چاهي ٿو.