منامه(عوامي آواز رپورٽ)بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه صدر آصف علي زرداري کي ملڪ جي اعليٰ اعزاز سان نوازيو بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ آل خليفه صدر آصف علي زرداري کي پاڪستان ۽ بحرين جي لاڳاپن جي فروغ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو اعزاز شيخ عيسيٰ بن سلمان آل خليفه فرسٽ ڪلاس پيش ڪيو.صدر زرداري گذريل ڏينهن قصرالقذيبيه پيليس ۾ شاهه حمد سان ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بحرين جي قريبي ۽ ڀائيچاري وارن تعلقات کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ جامع ڳاله ٻولهه ڪئي،ڳالهين دوران ٻنهي طرفن طرفان ٻن طرفي تعاون کي عملي رخ ڏيڻ ۽ تعلقات کي نئين وسعت ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪيو ويو.صدر زرداري سان گڏ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري، سينيٽر سليم مانڊوي والا، ۽ وزير زراعت بلوچستان مير علي حسن زهري پڻ موجود هئا.قصرالقذيبيه ۾ اچڻ تي صدر زرداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ بحرين جي اعليٰ ترين اعزاز سان نوازيو ويو. صدر زرداري شاهه بحرين کي شاندار استقبال ۽ غير معمولي ميزباني لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان لاءِ انهن جي نيڪ خواهشن کي ساراهيو.هن سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو عزم ٻيهر ظاهر ڪيو ۽ شاهه بحرين کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت پڻ ڏني.صدر زرداري چيو ته پاڪستان مضبوط سياسي تعلقات کي وڌندڙ تجارت ۽ گہرے سيڙپڪاري رابطن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.هن بحريني سيڙپڪارن کي زراعت، خوراڪ جي تحفظ، آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل خدمتون، صحت، سياحت ۽ انفراسٽرڪچر سميت اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ اسپيشل انويٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. صدر زرداري چيو ته پاڪستان بحرين کي هڪ اهم اقتصادي ڀائيوار سمجهي ٿو ۽ قريبي تعاون سان ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي وارا موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.هن پاڪستان جي اقتصادي صلاحيت، جغرافيائي رابطا ۽ ماهر افرادي قوت تي به روشني وڌي ۽ گڏيل منصوبن کي وڌائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي.صدر زرداري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ديرينه دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي ٻطرفه تعلقات جو اهم ستون قرار ڏنو ۽ هن شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي