سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اي ٽرانسفر سسٽم لاڳو

ڪراچي (رپورٽر)  سنڌ جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي استادن ۽ ملازمن جي بدلين لاءِ اي-ٽرانسفر سسٽم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد بدلين جي عمل ۾ شفافيت، ميرٽ ۽ وقت سر فيصلا يقيني بڻائڻ آهي۔ صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه جي هدايتن تي بدلين جي روايتي نظام کي تبديل ڪري اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڊجيٽلائز ڪيو ويو آهيهن چيو  ته بدلين جو نظام آن لائين ٿيڻ سان سفارش ۽ غير ضروري دير جو خاتمو ٿيندو، جڏهن ته شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل نظام کي هٿي ملندي۔ هن ٻڌايو ته اي-ٽرانسفر سسٽم 15 جنوري کان باقاعده طور تي فعال ٿي ويندو ۽ هن ڊجيٽل نظام کي مرحلاوار وڌايو ويندو ته جيئن اثرائتا ۽ جامع نتيجا حاصل ڪري سگهجن۔ نئين نظام تحت استاد پنهنجون بدلي جون درخواستون آن لائين جمع ڪرائي سگهندا ۽ درخواست جي اسٽيٽس کي گهر ويٺي مانيٽر پڻ ڪري سگهندا۔ اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڊجيٽل بڻائڻ جي سفر ۾ اي-ٽرانسفر سسٽم ڪابينا پاران منظور ڪيل اهم قدم آهي۔ اي-ٽرانسفر سسٽم جي پهرين مرحلي ۾ استادن کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ مرحلن ۾ کاتي جي سڀني ملازمن کي به هن نظام جو حصو بڻايو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.