اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن بابت صدارتي آرڊيننس کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي طرفان هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ کان پوءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جو ڪو به جواز نٿو رهي، جماعت اسلامي جو موقف آهي ته هي آرڊيننس مڪمل طور آئين خلاف آهي، پٽيشن جماعت اسلامي اسلام آباد جي امير نصرالله رنڌاوا طرفان داخل ڪئي وئي، ٻئي پاسي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته گذريل ٽن کان چار سالن کان مڪاني چونڊون مختلف بهانن سان ٽاريون پيون وڃن ۽ بيوروڪريسي سمورن معاملن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکيون ويٺي آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته شهر ۾ وڻن جي واڍي جي سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کي ان بابت جواب ڏيڻو پوندو، 40 هزار وڻ لڳائڻ جون ڳالهيون ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ برابر آهن، وڏا وڻ وڍي انهن جي جاءِ تي ننڍيون ٽاريون لڳائڻ سان نقصان پورو نٿو ٿي سگهي.