ڪراچي ۾ ڪتن جي حملن ۾ 6 معصوم ٻار زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ رولو ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا وڌي ويا، اتحاد ٽائون قائم خاني ڪالوني ۽ نواب ڪالوني ۾ رولو ڪتن جا وحشي حملا، معصوم ٻار رت ۾ ٻڏي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب مختلف واقعن دوران 6 معصوم ٻار زخمي ٿيا، جن کي فوري طور نجي ۽ سرڪاري اسپتالن منتقل ڪيو ويو، والدين جون رڙيون، ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن دوران مختلف واقعا پيش آيا، جيڪي شهر ۾ وڌندڙ لاپرواهي جو چٽو ثبوت آهنم  علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته علائقن ۾ رولو ڪتن جو وڏو انگ موجود آهي، ٻار اسڪول وڃڻ، رستن تي کيڏڻ توڙي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ کان خوفزده آهن، پر مڪاني ادارا صرف مال ڪمائڻ ۾ مصروف آهن، شهرين جي حفاظت کي ڪو به ڌيان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.