اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
جاري ڪيل پڌرائي موجب، مستقل ڪيل ججز ۾ جسٽس حسن نواز مخدوم، جسٽس ملڪ وقار حيدر اعواڻ، جسٽس سردار اڪبر علي، جسٽس سيد احسن رضا، جسٽس ملڪ جاويد اقبال، جسٽس محمد جواد ظفر، جسٽس خالد اسحاق، جسٽس ملڪ محمد اويس خالد، جسٽس چوڌري سلطان محمود، جسٽس تنوير احمد شيخ ۽ جسٽس عبهر گل شامل آهن.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڊيشنل جج راجا غضنفر علي خان کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني وئي، جڏهن ته ايڊيشنل جج طارق محمود باجوا کي ڇهن مهينن جي واڌ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ڪميشن موجب، هي فيصلا ”ججز جي ڪارڪردگي، عدالتي معاملن ۾ مهارت ۽ مجموعي پيشيوراڻي معيار جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيا ويا آهن.“
ڪميشن جو چوڻ آهي ته ” مستقل ججز جو انگ مڪمل ٿيڻ سان عدالتي ڪم ۾ تيزي ۽ ڪيس جي وقتائتن فيصلن ۾ بهتري جي اميد آهي.“
جڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي 11 ايڊيشنل ججز کي مستقبل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
Next Post
You might also like