مهر- جتوئي تڪرار تان پورهيت اغوا، چڱن مڙس جي مداخلت تي آزاد

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) رستم ويجهو مهر،جتوئي تڪرار تان جتوئي برادري جي هٿياربندن هٿان لکي غلام شاههواسي ڪٻاڙ وٺندڙ پورهيت اغوا، قتل ڪرڻ جي ڪوشش، پوليس ۽ چڱن مڙسن جي مداخلت تي آزاد، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته رستم ٿاڻي جي حد جامي قبو درگاھ ويجهو جتوئي برادري جي هٿياربندن لکي غلام شاهه واسي موٽر سائيڪل تي ڪٻاڙ وٺندڙ پورهيت غلام حيدر مهر کي ڳوٺ علي مراد جتوئي ويجهو اغوا ڪري ورتو، پورهيت کي قتل ڪرڻ لاءِ اغوا ڪرڻ جي اطلاع تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران جتوئي سردار اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي سان رابطو ڪيو ويو جنهن بعد پوليس ۽ چڱن مڙسن جي مداخلت تي پورهيت غلام حيدر مهر کي رستم پوليس حوالي ڪيو ويو، ايس ايڇ او رستم ٿانو رفيق احمد معرفاني پورهيت کي لکي غلام شاهه پهچائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو وڃي ٿو ته پورهيت غلام حيدر مهر لکي شهر جي عاقل ڪالوني واسي آهي ڪٻاڙ جو ڪم ڪندو آهي جيڪو درگاھ جامي قبو ويجهو پهتو ته کيس مهر جتوئي تڪرار تان اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پوليس ۽ چڱن مڙسن جي مداخلت تي سندس جان بخش ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.