حڪومت جو نئين ڊيزائن وارا ڪرنسي نوٽ آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت نئين ڊزائن وارا ڪرنسي نوٽ ڇاپڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، نئين ڊزائن وارن ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن جي حوالي سان ڪابينا ڪميٽي جوڙي وئي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ٿيندڙ نئين ڊزائن وارن نوٽن جي حوالي سان بريفنگ ڏني،  اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 100، 500، هڪ هزار ۽ 5 هزار رپين جا نئين ڊيزائن وارا نوٽ متعارف ڪرايا ويندا، نون ڪرنسي نوٽن ۾ وڌيڪ بهتر سيڪيورٽي فيچر جو استعمال ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن تي غور ويچار لاءِ ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي.

  1. ڪراچي ۾ سال اڳ گم ٿيل ٻن ٻارن جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي گارڊن واري علائقي مان هڪ سال اڳ گم ٿيل ٻارن جي وارثن ۽ علائقي واسين نشتر روڊ تي احتجاجڪيو، جنهن سبب روڊ بند ٿي ويو، پوليس موجب ٽريفڪ کي شو مارڪيٽ کان جوبلي ۽ انڪل سريا اسپتال کان ڪياڻي شهيد روڊ ڏانهن موڙيو پيو وڃي، پوليس موجب جنوري 2025 ۾ گم ٿيل ٻئي ٻار پاڙيسري هئا،  علائقي جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته ٻارن جي گمشدگي جو ڪيس ٻيهر فعال ڪيو وڃي ۽ ٻارن کي جلد واپس آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

  1. ڪراچي ۾ مهينو اڳ ٿيل چوڪيدار جي قتل جو معاملو حل، قاتل گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ مهيني اڳ ٿيل انڌي قتل جو معاملو حل ٿي ويو ، ڪياماڙي جاچ پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪندي گدام جي چوڪيدار جي قتل ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار گذريل مهيني هڪ گدام ۾ ڊيوٽي ڪندڙ چوڪيدار کي بيدردي سان قتل ڪيو هو، ايس ايس پي جاچ ڪياماڙي توحيد ميمڻ موجب گذريل مهيني بلديا ٽائون واري علائقي ۾ واقع ڪاٺ جي گدام مان 61 ورهين جي چوڪيدار محمد علي جو لاش ملي هو، مقتول کي مٿي ۽ چهري تي سخت ڌڪ هڻي قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد بلديه ٽائون ٿاڻي ۾ اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جوابدار رفيق عرف دادا کي نيٺ گرفتار ڪيو ويو.

  1. ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ به 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿجو امڪان آهي، ذريعن موجب 16 جنوري کان پاڪستان ۾ به پيٽرول شين جي اگهن ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي، پيٽرول جي قيمت ۾ 4 رپيا 59 پيسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا 79 پيسا في ليٽر لاٿ جو امڪان آهي، ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ هڪ رپيو 82 پيسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 8 پيسا في ليٽر لاٿ ٿي سگهي ٿي. اوگرا اگهن ۾ تبديلي لاءِ ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي، جيڪا پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ويندي، پيٽروليم ڊويزن طرفان ناڻي واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اگهن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.