ڪيٽي بندر، سمنڊ ۾ ٻيڙي حادثي جو شڪار، هڪ ڄڻو ٻڏي فوت

ڪيٽي بندر /ملير/ کوکرا پار/ ڳاڙهو (نمائندن وٽان) ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ مڇي ۽ پکين جي شڪار تي ويندڙن جي ٻيڙي حادثي جي شڪار، 8 ڄڻا ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ، 6 ڄڻن کي بچايو ويو، پپري واسي هڪ ڄڻو گم، ڪيٽي بندر ڀرسان سمنڊ ۾ شڪار تي ويندڙن جي ٻيڙي حادثي جي شڪار ٿي وئي ٻيڙي ۾ سوار8 ڄڻا ٻڏي ويا، ٻڏي ويل 6 ڄڻن کي بچايو ويو جڏهن ته هڪ جو لاش پڻ هٿ ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ پپري واسي ظهير جي نالي سان ٿي جڏهن ته ٻڏي ويل پپري واسي واحد بخش گبول جي ڳولا جاري آهي، ان ڏس ۾ پپري واسي نياز گبول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سمنڊ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ويندڙن جي ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿي، پکين جي شڪار لاءِ ويندڙ 8 ڄڻن جي حادثي بعد نيوي ۽ ماهيگيرن 6 ڄڻن کي بچائي ورتو جڏهن ته هڪ فوتي جو لاش پڻ ڪڍيو ويو آهي، پپري واسي واحد بخش گبول جي ڳولا جاري آهي، ريسڪيو عمل انتهائي سست روي جو شڪار آهي جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران هن مهل تائين ڪو به رابطو نه ڪيو ويو، هوڏانهن ٻڏي فوت ٿي ويل جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، گم ٿيل واحد بخش جي وارث صلاح الدين گبول عوامي آواز کي ٻڌايو  ته اسان جي پياري جي سمنڊ اندر ڳول ۾ سرڪاري سطح تي ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار اسان جي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.