ڪراچي ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري سان بااثر جي زيادتي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلشن معمار ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ 17 ورهين جي ڇوڪري سان مبينا طور زيادتيجو واقعو پيش آيو، پوليس موجب واقعي ۾ ملوث گلشن معمار جي رهواسي هڪ شخص کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ٿيڻ تي ٿاڻو معمار جي ايس ايڇ او کي معطل ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شاهي سردار جي نالي سان ٿي آهي، متاثر ڇوڪري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو آهي ۽ رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي، پوليس عملدارن موجب آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس ورتو هو، جڏهن ته  لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناري دانهيندي ٻڌايو ته هوءَ گھرن ۾ صفائي جو ڪم ڪندي هئي، ٽن جوابدارن زبردستي گاڏي ۾ ويهاري اغوا ڪيو ۽ ڪنهن ويران جاءِ تي کڻي وڃي تشدد ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو، هن چيو ته سردار نالي شخص کيس هٿيار جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ مزاحمت ڪرڻ تي وحشياڻو تشدد ڪيو، متاثر ناري جي وارثن پوليس مٿان الزام هنيو ته ڪيس داخل ڪرڻ ۾ دير ڪئي وئي، وارثن پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شاهده رحماني سان رابطو ڪيو، جنهن فوري طور فريال ٽالپر، صوبائي گهرو وزير ۽ ڊي آءِ جي کي فون ڪري صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.