ڪراچي ۾ ريڙهن وارن جو ٽريفڪ پوليس آفيسر تي تشدد، هڪ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ريڙهن وارن جي بدمعاشي وڌي وئي، جتي ٽريفڪ پوليس جي آفيسر تي تشددڪيو ويو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته ٽريفڪ پوليس آفيسر جڏهن ريڙهي واري کي روڊ تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار تشدد شروع ڪري ڏنو، ٽريفڪ پوليس آفيسر تي تشدد جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو فٽيجز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌڪ لڳڻ سبب پوليس آفيسر زمين تي ڪري پيو، جڏهن ته ٻيا ريڙهين وارا ۽ ٽريفڪ پوليس جا اهلڪار وچ ۾ پئي بچاءُ ڪرائيندا رهيا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدار عبدالقادر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس فرار ساٿي جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.