ٽانڪ/ لڪي مروت (م ڊ) ٽانڪ ۽ لڪي مروت ۾ پوليس تي آءِ اي ڊي بم حملن جا واقعا پيش آيا، جن ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تباهه ٿي وئي جڏهن ته ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو شهيد ٿي ويو، ٻئي واقعي ۾ 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ جي علائقيگومل ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي تي آءِ اي ڊي بم سان حملو ڪيو ويو، پوليس موجب ڌماڪو ٽانڪ جي علائقي ڪوٽ ولي کان لڳ ڀڳ 25 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي ۾ ايس ايڇ او سميت 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط ريسڪيو 1122 جون ٽيمون واقعي واري هنڌ روانو ڪيون ويون، جتان شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، بڪتربند گاڏي تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ اسحاق احمد خان (ايس ايڇ او ٿانه گومل)، اي ايس آءِ شير اسلم خان، ڊرائيور عبدالمجيد، ارشد علي، حضرت علي ۽ احسان الله ڊرائيور شامل آهن، بعد ۾ حملي دوران هڪ راهگير به زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو، جنهن کان پوءِ شهيدن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، جڏهن ته راهگير جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻيو واقعو لڪي مروت ۾ پيش آيو، جتي صدر ٿاڻي جي حدن ۾ دره تنگ ڀرسان آءِ اي ڊي بم جو ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ صدر ٿاڻي جو ايس ايڇ او رازق خان سميت 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتر بند گاڏي تي حملي جو نوٽيس وٺندي اعليٰ عملدارن کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي، هن شهيدن جي وارثن ۽ پوليس اهلڪارن سان دلي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو، گورنر ڪي پي پنهنجي بيان ۾ چيو ته صوبي جا بهادر جوان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ شهادت کي قبول ڪيو آهي ۽ اسان کي پنهنجن شهيدن تي فخر آهي.