لاهور (م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جا عالم متفق آهن ته هاڻي ڪا هٿياربند جنگ ناهي، هٿياربند گروهن کي به ان تي غور ڪرڻ گهرجي. لاهور ۾ ڪنوينشنکي خطاب ۾ هن چيو ته انٽرنيٽ تي ناڪاري شيون ڳولڻ شروعت جي خلاف آهي، هرڳالهه سچي هجڻ گهرجي. سندس چوڻ هوته اسان زبردستي ڪنهن جي دل ۾ پنهنجو اعتماد نٿا وجهي سگهون، سياست تبديل ٿيندي رهندي آهي، نظريا به تبديل ٿين ٿا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ ڪا چونڊيل حڪومت ناهي، گارگند جي سياست هاڻي بدنام ٿي چڪي آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي سفارشن کي بحث لاءِ پيش نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته وزيرستان ۾ سال ۾ ٽن عالمن کي قتل ڪيو ويو، اسان سفاڪ قاتلن کان نه ڊڄنداسين. سندس چوڻ هو ته ديني مدرستا ضروري آهن، ڪا شئي غير ضروري آهي ته اهي توهان آهيو. حڪومت اسڪول خانگي شعبي کي ڏئي رهي آهي، مدرسا شاگرد کي کائڻ سميت سڀ ڪجهه ڏين ٿا، هتي ابتي گنگا وهي رهي آهي. هن چيوته مون تي جيڪا تنقيد ٿيندي آهي ته مان پنهنجي ڪمزوري ڳوليندو آهيان.