مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ۽ بلاول ھائوس جي ميڊيا ترجمان سريندر ولاسائي پاران ايم پي اي ارباب لطف جي ڀاءُ تي سندس قتل جي سازش،ڏيپلو ۽ ڪلوئي ۾ نجي ٽارچر سيلن،سندس مائٽن کي ھراسان ڪرڻ جو الزام هڻندي پنهنجي مبينا قتل جو خدشو ظاهر ڪيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽون وائرل ڪرڻ بعد سنڌ جي گهرو وزير کي خط لکي ڇڏيو آهي،ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب ٿرپارڪر ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۾ گذريل وڏي عرصي کان هلندڙ اختلافن ۾ واڌ ٿيڻ لڳي آھي،ٿر سان تعلق رکندڙ بلاول هائوس ميڊيا سيل جي انچارج ۽ اقليتي ايم پي اي سريندر ولاسائي پنهنجي ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ارباب لطف الله جي ڀاءُ تي کيس مارائڻ جي سازش ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آھي،سريندر ولاسائي سوشل ميڊيا بيان ۽ گهرو وزير کي موڪليل خط ۾ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ارباب خاندان جي ويجهن ماڻهن کيس قتل ڪرائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي،ارباب عالم،بچو ۽ صالح نالي همراهن کي کيس قتل ڪرڻ جي سوپاري ڏني آھي هن چيو آهي ته جيڪڏهن کيس ڪو به نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ارباب عالم سميت نامزد ماڻهو هوندا،سريندر ولاسائي جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ ديوي جي وڻن جي ڪٽائي، منشيات،و ياج خوري ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف آواز اٿارڻ سبب کيس نشانو بڻايو پيو وڃي،هن الزام لڳايو آهي ته ڪلوئي ۽ ڏيپلو ۾ ڪجهه پوليس اهلڪارن جي مبينا ملي ڀڳت سان نجي ٽارچر سيل هلايا پيا وڃن،جتي شهرين تي تشدد ڪري ڀنگ ورتي وڃي ٿي،هن اهو به چيو آهي ته سندس ساهرن جي گهر تي پوليس اهلڪارن سان گڏ حملو ڪيو ويو،جڏهن ته بچو نالي شخص سندس مامي هرجي مل جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪندي کليل ڌمڪيون ڏنيون، خط موجب ڪجهه تڪرارن جو هڪ سبب غلام محمد راهو ڪاليج جي منظوري پڻ آهي،جنهن تي سياسي اختلاف پيدا ٿيا.
-
راڄن ڀاڳن وارا آهيون،ماڻهو ڇو ويڙهائينداسين؟ ارباب عالم
مٺي:سريندر ولاسائي جي الزامن تي ارباب محمد عالم چيو آھي ته اسان راڄن ڀاڳن وارا ماڻهو آهيون ۽ اسان راڄن کي ٺاهيو آهي هي ميگھواڙ برادري جي ٻن ڄڻن وچ ۾ پلاٽ جو معاملو آهي مون تي الزام بي بنياد آهن ۽ اسان اهڙي ڪابه سازش نه ڪئي آهي، هن چيو ته اسان جي خاندان ھميشہ ٿر جي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي ۽ اسان ماڻهن کي پاڻ ۾ ننڊن وڏن مسئلن تي ويڙهائڻ بجاء انهن جو راڄ ۾ ويهي ٺاھه ڪرائيندا آهيون، هن سريندر ولاسائي جي لڳايل الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته خبر ناهي هو مون تي يا ڪنهن غريب ماڻهو تي اهڙا الزام ڇو ٿو هڻي اسان هميشه ٿر جي عوام سان محبت ڪندي پيار ڏنو آهي ۽ صاف سٿري سياست تي يقين رکون ٿا،
-
خبر ناهي سريندر ولاسائي ڪنهن جي چوڻ تي الزام هنيو؟بچو ميگهواڙ
مٺي:سريندر ولاسائي پاران الزام لڳائڻ بعد بچو ميگھواڙ منظر تي اچي ويو،الزام بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيا،جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ پورھيت بچو چيو ته آئون غريب ماڻهو آهيان،اسين سريندر ولاسائي جي گهر جا مزدور آھيون،خبر ناهي ڪنھن جي چوڻ تي اھڙو الزام لڳايو آهي، ھن چيو ته اسان سان ڪڏهن به ڦٽايو ناھي پر اھڙو الزام ھڻڻ تي ڏک ٿيو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.
-
مهيش ملاڻي،کٽو مل ۽ ارباب لطف الله ۾ اختلاف اڳ ئي هلندڙ
مٺي:ٿر ۾ پ پ اڳواڻن وچ ۾ اڳ به اختلاف پيدا ٿيل آھن ايم اين اي مهيش ملاڻي ۽ ايم پي اي ارباب لطف الله جي وچ ۾ گذريل اليڪشن دوران اختلاف ٿيا جڏھن تهايم پي اي کٽومل ۽ مهيش ملاڻي جا پڻ اختلاف هلندڙ آھن جڏھن تہ هاڻي وري ايم پي اي ارباب لطف الله ۽ سريندر ولاسائي جي وچ ۾ سنگين اختلاف سامهون آيا آھن جنهن ڪري ٿر جي عوام عجب ۾ پئجي ويئي آهي،
-
سياسي مقصدن تحت بيان ڏنا پيا وڃن:ارباب امير انعام الله
مٺي: پ پ ايم پي اي ارباب لطف الله جي ڀاءُ ارباب امير انعام الله سريندر ولاسائي جي سمورن الزامن کي سوشل ميڊيا تي رد ڪندي چيو آهي ته اهي بيان بي بنياد ۽ سياسي مقصدن تحت ڏنا پيا وڃن،هن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به شهري تي بغير ثبوتن جي الزام هڻڻ قانوني طور غلط آهي ۽ اهڙيون ڳالهيون سياسي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهن.
-
سريندر ولاسائي پاران وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ جي رابطي جي دعويٰ
مٺي:سريندر ولاسائي دعويٰ ڪئي آهي ته هن معاملي بابت وڏي وزير سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ پڻ رابطو ڪري تفصيل ورتا آھن،جن ٿر ۾ منشيات فروشن ۽ غيرقانوني سرگرمين خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي آهي،هن چيو ته هو معذوري باوجود مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندو.