اسلام آباد( منيب فاروق )پاڪستان جي هڪ وڏي ميڊيا جي اداري اندر ٻه اهم شخصيتون آمهون سامهون نظر اچي رهيون آهن.هي معاملو جيو–جنگ گروپ سان لاڳاپيل آهي. هڪ پاسي سهيل وڙائچ آهي، ٻئي پاسي انصار عباسي ٻئي پاڪستان جا انتهائي سينيئر صحافي آهن،گذريل ڏينهن انصار عباسي جي هڪ ڪالم جي خبر لڳي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي هڪ اڳئين خبر بابت وضاحت ڪندي “ونڊر بواءِ” جو ذڪر ڪيو. ڪڏهن تصور به نه ڪيو ويو ته سهيل وڙائچ ۽ انصار عباسي وچ ۾ اهڙي ڪا ڇڪتاڻ ٿي سگهي ٿي.سهيل وڙائچ بعد ۾ اينڪر منصور علي خان سان هڪ پوڊڪاسٽ ۾ به ان معاملي جو ذڪر ڪيو. سهيل وڙائچ صاحب جو “ونڊر بواءِ” وارو تصور اهڙو ناهي، جيئن سوشل ميڊيا تي پيش ڪيو ويو. هن اهو نه چيو ته ڪو نئون ماڻهو اچي رهيو آهي، پر صرف اهو چيو ته ” ڳولا“ ٿي رهي آهي. پوءِ ماڻهن پنهنجون پنهنجون تصويرون لڳائڻ شروع ڪيون ته هي ونڊر بواءِ آهي، اهو ونڊر بواءِ آهي.نتيجو اهو آهي ته اڄ جي تاريخ تائين ڪو به “ونڊر بواءِ” نه پيو اچي.في الحال ”ونڊر فل بواءِ“ شهباز شريف ئي آهي، جنهن جي حڪومت جي ساراهه ٿي رهي آهي. پاڪستان جي طاقتور حلقن مان به هن وقت تعريف ئي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.