جيڪو فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان ٿيو، اهو ئي ٽرمپ سان ٿيندو\آيت الله خامنا اي

تهران/نيو يارڪ (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون. پرتشدد احتجاجن کان پوءِ صورتحال هاڻي مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان صلاح مشوري کان پوءِ انٽرنيٽ سروسز بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ گير احتجاجن ۾ تشدد آمريڪي صدر ٽرمپ کي مداخلت جو موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، دهشتگردن مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻن هفتن ۾ 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمانموجب، آمريڪا سان رابطي جا چينل کليل آهن. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنا اي چيو ته غرور ۾ ٻڏل شخص سڄي دنيا لاءِ فيصلا ڪري رهيو آهي، جيڪو فرعون، نمرود ۽ رضا شاهه سان ٿيو اهو ٽرمپ سان به ٿيندو. ٻئي پاسي راڄڌاني تهران سميت مختلف شهرن ۾ پرڏيهي حمايت يافته هٿياربند فسادن جي مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته شهري ايراني حڪومت جي حمايت ۾ روڊن تي نڪري آيا ۽ سيڪيورٽي فورسز جي مڪمل مدد ڪرڻ جو عزم ڪيو. ايران آمريڪا ۽ صيهوني حڪومت خلاف مزاحمت ۾ شهيد ٿيندڙن جي ياد ۾ ٽن ڏينهن جي سوگ ملهائي رهيو آهي. آمريڪي انساني حقن جي تنظيم موجب، ٻن هفتن کان جاري احتجاجن ۾ 490 مظاهرين ۽ 48 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن، جڏهن ته 10,600 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. فوتگين جي انگ بابت سرڪاري انگ اکر اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هڪ مردا خاني ۾ ماڻهو جنازي جي موقعي تي خامنا اي مردا بعد جا نعرا هڻندي ڏسجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.