آمريڪا جي تاريخ مونرو ڊاڪٽرائن مطابق سڄي دنيا ۾ بناجواز مداخلتن سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ وينزويلا تي تازو آمريڪي حملو هڪ ٻيو اضافو آهي. صدر ٽرمپ پاناما ماڊل اختيار ڪندي نڪولس مادورو ۽ سندس زال کي بلڪل اهڙيءَ ريت هٿيڙيون هڻي نيويارڪ جي گهٽين ۾ گھمايو، جيئن 1989ع ۾ جنرل مينوئل نوريگا کي منشيات اسمگلنگ جي الزام هيٺ هٿيڙين ۾ آمريڪي عوام آڏو پيش ڪيو ويو هو. ٽرمپ صدر مادورو جي اغوا سان گڏ ئي اعلان ڪري ڇڏيو ته آمريڪا هاڻي وينزويلا تي حڪمراني ڪندو، بلڪه اتان لکين بيرل تيل به حاصل ڪندو، جنهن جي قيمت به هو پاڻ مقرر ڪندو. عالمي مبصرن موجب ڪنهن ملڪ جي قيادت کي اغوا ڪري اتي قيادت جو خلا پيدا ڪرڻ ڪنهن عالمي طاقت جي علامت نه، پر هڪ زوال پذير ۽ بيمار رياست جي نشاني آهي.
دنيا ۾ تيل جي سڀ کان وڏن ذخيرن جو مالڪ وينزويلا، جڏهن پنهنجو تيل ڊالر بدران يوان، يورو ۽ روبل ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو، ته اهو آمريڪا جي نظر ۾ ناقابلِ معافي ڏوهه بڻجي ويو. صدر ٽرمپ بار بار زور ڏنو ته وينزويلا جو تيل اصل ۾ آمريڪا جو آهي، ڇو ته هڪ صدي اڳ آمريڪي ڪمپنين اتي ڪم ڪيو هو. 2023ع ۾ ٽرمپ چيو هو: ”جڏهن مان اقتدار ڇڏي ويس، تڏهن وينزويلا تباهيءَ جي ڪناري تي هو، اسان ان تي قبضو ڪري سڄو تيل حاصل ڪري وٺون ها، ۽ اهو بلڪل اسان جي پاڙي ۾ ئي هجي ها.“ لڳي ٿو ته ٽرمپ جي هيءَ لالچ برطانيا جي نوآبادي دور جي لٽ مار کان به اڳتي نڪري ويندي.
صدر ٽرمپ پنهنجي ٻئي دورِ اقتدار جي پهرين تقرير ۾ ئي تيل ۽ گئس ڪمپنين کي صدارتي چونڊن ۾ فنڊنگ ڏيڻ تي نوازيندي وڏي پيماني تي تيل ۽ گئس ڪڍڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو، ۽ ساڳئي وقت پيرس معاهدي مان به الڳ ٿي ويو. وينزويلا تي حملي جي پٺيان مارڪو روبيو جو ڪردار انتهائي اهم آهي. سندس والدين ڪيوبا مان لڏي ميامي ۾ اچي آباد ٿيا، جنهن سبب مارڪو روبيو جي سياسي سڃاڻپ اينٽي ڪاسترو طور سامهون آئي. هو لاطيني آمريڪا ۾ کاٻي ڌر جي حڪومتن جي خاتمي جو هميشه خواهشمند رهيو آهي. ٽرمپ جي پهرين دور ۾ به هن ڪيوبا، وينزويلا ۽ نڪاراگوا تي حملي جون ڪوششون ڪيون، پر هن ڀيري هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو ڪيوبا کي وينزويلا جو مددگار سمجهي ٿو، ۽ آمريڪا جو خيال آهي ته وينزويلا جو خاتمو دراصل ڪيوبا لاءِ هڪ وڏو ۽ خطرناڪ ڌچڪو هوندو. 1998ع ۾ وينزويلا جي عوام کاٻي ڌر جي عوامي اڳواڻ هوگو شاويز کي صدر چونڊيو، پر آمريڪا کيس به سي آءِ اي جي سرپرستي هيٺ ٿيل بغاوت دوران اغوا ڪيو. بهرحال، عوام جي روڊن تي نڪري اچڻ سبب 48 ڪلاڪن اندر اقتدار ٻيهر شاويز حوالي ڪرڻو پيو.
شاويز سامراجي ۽ سياسي اشرافيه جي ڪرپشن خلاف سخت ڪارروايون ڪيون، جنهن سبب فيڊل ڪاسترو ۽ هوگو شاويز هڪ ٻئي جي تمام ويجهو اچي ويا. هن تيل جي دولت کي قومي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ سان گڏ پاڙيسري ملڪن کي به رعايتي اگهن تي تيل فراهم ڪيو. سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ، جڏهن ڪيوبا سالياني 4.5 ارب ڊالر جي امداد کان محروم ٿي ويو، تڏهن وينزويلا ڪيوبا کي رعايتي اگهن تي تيل فراهم ڪيو. ڪيوبا اهو تيل صرف استعمال ئي نه ڪندو هو، پر صاف ڪري ٻين مارڪيٽن ۾ به وڪرو ڪندو هو. ان جي بدلي ۾ ڪيوبا وينزويلا کي صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ مدد ڏني، ويهه هزار ڊاڪٽر فراهم ڪيا ۽ سيڪيورٽي نظام کي به مضبوط بڻايو. انهيءَ سبب آمريڪا جو خيال آهي ته 2019ع ۾ وينزويلا ۾ فوجي بغاوت جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪيوبا جو وڏو هٿ هو. پر 2013ع ۾ شاويز جي وفات کان پوءِ مادورو کي سندس جانشين مقرر ڪيو ويو، جيڪو واضح طور پنهنجي اڳواڻ جي مشن کي اڳتي وڌائي نه سگهيو. نتيجي طور 2012ع کان 2024ع تائين وينزويلا جي جي ڊي پي 372 ارب ڊالر مان گهٽجي 120 ارب ڊالر رهجي وئي، جنهن ۾ آمريڪي پابندين ۽ حڪومت جي تبديلي جي ڪوششن جو به وڏو ڪردار رهيو.
ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي حملي کان پوءِ ڪولمبيا، ڪيوبا، ايران، بلڪه گرين لينڊ جي حصول بابت به ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون آهن. گرين لينڊ 56 هزار آباديءَ تي مشتمل هڪ خودمختيار علائقو آهي، جيڪو ڊنمارڪ جي اثر هيٺ آهي. گرين لينڊ خبردار ڪيو آهي ته 1952ع جي معاهدي مطابق ڪنهن به ٻاهرين حملي جي صورت ۾ ڊنمارڪ جي فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي. ماهرن جو خيال آهي ته گرين لينڊ تي قبضو آمريڪا ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ هڪ وڏي دراڙ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وينزويلا تي هي حملو دراصل هن نام نهاد عالمي نظام ۽ گڏيل قومن جي اداري جي حيثيت کي تقريباً ختم ڪري چڪو آهي. ماهرن جو خيال آهي ته ٽين دنيا جا اهي ملڪ، جتي تيل جا وافر ذخيرا موجود آهن، جن ۾ ايران ۽ سعودي عرب به شامل آهن، انهن کي گڏجي فوري نئين حڪمت عملي جوڙيڻي پوندي. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته گذريل پنجاهه سالن ۾ آمريڪا جو سڀ کان طاقتور هٿيار سندس فوج نه، پر سويفٽ (سوسائٽي فار ورلڊ وائڊ انٽر بئنڪ ٽرانسفر) رهيو آهي، جيڪو اصل ۾ بيلجيم ۾ قائم هڪ ادارو آهي، پر آمريڪي خزانو ان کي ڪنٽرول ڪري ٿو. دنيا جي تقريباً هر بين الاقوامي بئنڪ ٽرانسفر سويفٽ ذريعي نيويارڪ مان گذري ٿو، ۽ اهڙيءَ طرح آمريڪا ان واپار مان پنهنجو حصو وصول ڪري ٿو. ماهرن موجب آمريڪي تسلط ٻاهرين حملن بدران تڏهن ڪمزور ٿيندو، جڏهن آمريڪي ڪرنسي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي. برڪس فورم تي گڏ ٿيڻ سان گڏ، ٽين دنيا جي ملڪن کي آمريڪي تسلط کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪن ۾ جمهوريت وسيلي پنهنجي عوام سان مضبوط لاڳاپو قائم ڪرڻو پوندو.
تازو برازيل خاموشي سان برڪس برج سسٽم فعال ڪيو آهي، جنهن وسيلي برازيل، روس، چين، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي پنهنجي مرڪزي بئنڪن جي ڊجيٽل ڪرنسيءَ ذريعي واپار ڪري رهيا آهن، جنهن جو ڊالر ۽ سويفٽ نظام سان ڪو به واسطو ناهي. اڳ ۾ جڏهن برازيل چين کي سويا بين فراهم ڪندو هو، ته پهريان پنهنجي ڪرنسي کي ڊالر ۾ تبديل ڪرڻو پوندو هو، پر هاڻي 2024ع ۾ روس ۽ چين وچ ۾ 20 ارب ڊالر، جڏهن ته ڀارت ۽ برازيل وچ ۾ 115 ارب ڊالر جي واپار ٿي چڪي آهي. روس اڳ ئي پنهنجو تيل روبل، يوان ۽ ڀارتي ڪرنسي ۾ وڪڻي رهيو آهي. ڀلي اهي انگ اکر ڊالر جي مقابلي ۾ گهٽ هجن، پر تاريخ شاهد آهي ته هر انقلاب جي شروعات صفر کان ئي ٿيندي آهي.