بدين(رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) پيرو لاشاري ۾ بااثر هٿان قتل ٿيل هاري ڪيلاش ڪولهي جي قتل ۾ گرفتار جوابدار ۽ سهولتڪار ٽيڪسي ڊرائيور عدالت ۾ پيش، جسماني رمانڊ تي تلهار پوليس حوالي، بدين ڀرسان تلهار ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيرولاشاري جي ڳوٺ ڏاهو ڪولھي ۾ جهوپڙي اڏڻ تان زميندار هٿان بي دردي سان قتل ٿيل هاري ڪيلاش ڪولھي جي مک جوابدار سرفراز نظاماڻي ۽ سهولتڪارظفر الله خان کي جسماني ريمانڊ لاءِ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ بدين مير سڪندر علي ٽالپر جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي جاچ آفيسر طرفان جوابدار کان ڏوهه ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪرڻ جاچ ڪرڻ درخواست تي عدالت سڳوري 3 ڏينهن جي جسماني تلهار پوليس حوالي ڪيو، ان ڏس ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي گرفتار ٽيڪسي ڊرائيور لطيف آباد 12 جي رهواسي ظفر الله خان بدين حيدرآباد ماتلي ٽنڊو محمد خان سميت ٻين شهرن ۾ اخبارون سپلائي ڪندو آهي جنهن جي ٽيڪسي کي پڻ تحويل ۾ وٺي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي جوابدار سرفراز نظاماڻي ۽ سندس سهولتڪار ظفر الله خان جي وڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ ڏٺو ويو ته جوابدار سرفراز نظاماڻي روئڻ جهڙو ٿي ويو.