ڪيلاش جي وارثن جي هر قانوني مدد ڪئي ويندي: عامر وڙائچ

بدين ( ڊر ) ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر واڙائچ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن سان گڏ بدين لڳ ڳوٺڏاھو ڪولھي پهچي ۾ مقتول ڪيلاش ڪولهي جي والد چيتن ڪولھي سان ملاقات ڪئي ۽ ھمدردي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر وڙائچ  واقعي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته بااثر زميندار سرفراز نظاماڻي پاران بيگناهه ۽ غريب نوجوان ڪيلاش ڪولهي قتل ڪري وڏو ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هن وارثن کي يقين ڏياريو ته وڪيل برادري مقتول ڪيلاش ڪولهي جي گهرڀاتين سان گڏ آهي انهن جي هر قانوني ۽ اخلاقي ڪوشش ۾ مدد ڪندي ويندي ۽ آواز اٿاريندي رهندي مقتول جي خاندان کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.