ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پيرو لاشاري ۾ زمين تي جهوپڙي ٺاهڻ تي قتل ٿيل ڪيلاش جي قاتل سرفراز نظاماڻي جو موقف سامهون اچي ويو، زميندار سرفراز نظاماڻي پاران ھاري نوجوان ڪيلاش ڪمار ڪولهي کي قتل ڪرڻ واري واقعي بابت جيل ۾ بيان ڏنو، ميڊيا سان ڳالهائيندي جوابدار سرفراز نظاماڻي چيو ته واقعي واري ڏينهن سندس ۽ مقتول ڪيلاش وچ ۾ تڪرار ٿيو، جنهن دوران فائرنگ ٿي وئي ۽ ڪيلاش ڪمار گولين جو نشانو بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي هلندڙ بيان ۾ جوابدار سرفراز نظاماڻي جو چوڻ هو ته ڪولھي ھلان ڪري وڙھڻ لاءِ آيا ۽ ڪيلاش جي پيءُ جي پھرين ويڊيو بيان ۾ به آھي ته اسان جو سرفراز سان جھيڙو ٿيو ھو ، هن چيو ته ڪا ذاتي دشمني نه هئي ڪيلاش اتفاق سان قتل ٿي ويو، هن چيو ته مقتول ڪيلاش ڪولهي ۽ سندس والد سان منهن ماري ٿي هئي جهيڙي ۾ بنا نيت گولي هلي وئي ۽ نوجوان قتل ٿي ويو، ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي بيان جي روشني ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ واقعي کي سمورن رخن کان ڏٺو پيو وڃي، قانون موجب ڪارروائي هلي رهي آهي.