دادو(رپورٽ: غوث جھتيال)دادو شهر ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي وارو مامرو آءِ جي سنڌ پاران مقرر ڪيل هن واقعي جي جاچ آفيسر ايس ايس پي عديل چانڊيو دادو پهچي ويو، ايس ايس پي آفيس دادو ۾ اهم گڏجاڻي ، ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي پڻ موجود هو ايس ايڇ او اي سيڪشن قربان قمبراڻي، ايس ايڇ او بي سيڪشن، انچارج 15 سميت جاچ ۾ شامل سمورا اهلڪار ايس ايس پي آفيس دادو طلب ڪيا ويا، ذريعن موجب ايس ايس پي عديل چانڊيو مارجي ويل نادرجمالي جي وارثن کان پڻ پوليس آفيسر نالا وٺندو جن وارثن نادر جمالي کي قتل ڪرڻ جا خدشا ظاهر ڪيا آهن امڪان آهي ته وارثن پاران اگر راضپو ظاهر ڪيو ويو ۽ نالا ڏنا ويا ته ايس ايڇ اوز سميت پوليس اهلڪارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، وارثن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪيو ويو، ياد رهي ته وارثن پاران سڀاڻي نادر جمالي جي مبينا پوليس مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج جو سڏ پڻ ڏنل آهي جنهن ۾ سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ڀرپور حمايت ۽ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو آهي.