نادر جمالي جي وارثن سان انصاف تائين گڏ آهيون:دودو ديشي

دادو (ڊ ر) جسقپ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ دودوديشي، شبير جمالي، عارف ڀٽي، آصف علي سولنگي ڪارڪنن سان گڏ ڳوٺ بچل جمالي پهچي شهيد نوجوان نادر جمالي جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظھارڪيو، ان موقعي تي شهيد نوجوان جي وارثن سان دودو ديشي ڳالهائيندي چيو ته جيئي سنڌ قومپرست پارٽي پهرين ڏينهن شهيد نوجوان نادر جمالي جي قتل جي مذمت ڪندي واقعي جي عدالتي جاچ جي گُهر ڪئي آهي، نادر جمالي جي وارثن سان خون جي انصاف تائين گڏ آهيون، نادر جمالي جي وارثن جي سڏ تي دادو سميت جتي به احتجاج ٿيندو جسقپ جا ڪارڪن سڀني احتجاجن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا، جڏهن ته شهيد نادر جمالي جي وارثن خادم حسين جمالي ۽ ٻين چيو ته شهيد نوجوان نادر جمالي جي خون سان انصاف تائين جدوجهد جاري رکندا سين، اسان جي گُهر آهي ته واقعي جي عدالتي جاچ ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ جوابدارن کي جلد گرفتارڪري سزاڏني وحي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.