پي ٽي آءِ بابت پ پ جا اندازا غلط ثابت؟

اسلام آباد(عمران شفقت)پيپلز پارٽي جو هڪ وڏو الميو اهو رهيو آهي ته انهن جا اندازا ڪيترن ئي موقعن تي غلط ثابت ٿيا آهن، ۽ پوءِ انهن غلط اندازن جا نتيجا تمام خراب نڪتا آهن. ماضي ۾ ڪيترائي مثال موجود آهن، جتي انهن جا سياسي اندازا غلط ثابت ٿيا، جن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي تشڪيل، ان جي اڀار وقت طاهرالقادري وارو “انقلاب سياست” وارو معاملو به شامل آهي. ان وقت به شيون صحيح نموني هينڊل نه ڪيون ويون، هاڻي به پاڪستان تحريڪ انصاف بابت بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ حڪومت جو اندازو غلط ثابت ٿيو آهي، ۽ ان جا نتيجا ايندڙ ڏينهن ۾ اسان سڀني جي سامهون هوندا.سهيل آفريدي جي سنڌ دوري جي حوالي سان تمام گهڻيون عجيب ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ رکندڙ خبرون اچي رهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري پاڻ چوندو هو ته “9 مئي وارن سان ڳالهه نٿي ٿي سگهي.”هڪ پاسي بلاول صاحب جو اهو سخت موقف، ۽ ٻي پاسي اوچتو ”جمهوريت“جي نالي ۾ اهو چوڻ ته “اسان انهن کي نه روڪينداسين، انهن کي جلسا ڪرڻ ڏيون ٿا.”جيڪڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته اجازت ڏيڻ گهرجي، ته پوءِ ان فيصلي تي قائم رهڻ گهرجي ها. پوءِ روڪڻ، ٽوڪڻ، لٺ چارج ڪرڻ جي ضرورت ڇا هئي؟پي ٽي آءِ ڪراچي ۾ جناح باغ يا قائداعظم جي مزار ڀرسان گرائونڊ کي ڀري وٺي ها، جيئن 2011ع ۾ لاهور ۾ ڪيو هو، ته پوءِ ڪا حقيقي سياسي بحالي ٿئي ها. پر خود پي ٽي آءِ کي به خبر هئي ته اهي ايترو وڏو جلسو نٿا ڪري سگهن. ان ڪري نه ڪرسيون هيون، نه اسٽيج، نه ساؤنڊ سسٽم. ڪراچي جي تنظيم به منظر تان غائب هئي.ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته “اسان روڊ تي جلسو ڪنداسين.” سنڌ حڪومت شروع کان چوندي رهي ته روڊ تي جلسي جي اجازت ناهي. جڏهن زبردستي روڊ تي جلسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته امن امان جي صورتحال پيدا ٿي، مارڪٽ، گرفتاريون ٿيون. اهو ئي تاثر پيدا ٿيو، جيڪو پي ٽي آءِ چاهي رهي هئي. پنجاب حڪومت جي پاليسي، وڌيڪ واضح هئي. انهن فيصلو ڪيو ته 9 مئي جي ٽريڪ رڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي کليل ڇوٽ نه ڏني ويندي. پنجاب ۾ جيڪڏهن اهي ماڻهو نڪرن ها ته ضرور نڪري سگهن ها، پر پنجاب جو مزاج مختلف آهي. ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي جتي هر قوميت رهي ٿي، خاص طور پٺاڻن جو وڏو انگ آباد آهي. پي ٽي آءِ هن سڄي تحريڪ کي “پٺاڻ بمقابله ٻيا” بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي. مارڪٽ، صحافين تي تشدد، رستن جي بندش جون خبرون سامهون آيون. پي ٽي آءِ پنهنجي پراڻي ٽريڪ رڪارڊ تي ئي هلندي رهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٿورو صبر ڪندي، لٺ چارج نه ڪري ها، روڊ تي به جلسو ڪرڻ ڏئي ها، ته ڪا قيامت نه اچي ها. ماڻهو پاڻ ڏسي وٺن ها ته گرائونڊ ڀرجي نٿو سگهي.اڄ جي صورتحال اها آهي ته سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي نه مزيدار هئي، نه ڪامياب.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.