وينزويلا تي آمريڪي جارحيت خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (پ ر) وينزيويلا تي آمريڪي جارحيت خلاف عوامي تحريڪ طرفان حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، سرمد  راڄپر، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ڪاشف ملاح، ڄام تماچي، اسلم پرويز عمراڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته وينزيويلا تي حملو ڪري آمريڪا گڏيل قومن کي عملي طرح ختم ڪري ڇڏيو آهي، دنيا تي آمريڪي جارهيت ٻڌائي ٿي ته عملي طرح ٽين عالمي جنگ هلي رهي آهي. هنن چيو ته وينزويلا تي آمريڪي سامراج جو حملو دنيا جي مظلوم قومن تي حملو آهي، هي حملو گڏيل قومن جي وجود تي وار آهي. عالمي قانون تسليم ڪرڻ کان انڪاري آمريڪا سامراج دنيا جي امن لاءِ خطرو آهي، آمريڪي جنگين ۽ مداخلتن پوري دنيا ۾ تباهي آندي آهي، وينزويلا کانپوءِ آمريڪا ڪيوبا، ڪولمبيا، ڪينيڊا ۽ ڊينمارڪ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، گرين لينڊ کي طاقت جي زور تي خريدڻ جي آمريڪي ڪوشش جهنگ جي قانون کان به بدتر آهي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان خصوصن سنڌ جي وسيلن تي آمريڪي سامراج جي ميري اک آهي. وينزويلا تي آمريڪي سامراج جي حملي سان پوري دنيا پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهي آهي، هن حملي سان دنيا ڪيتريون ئي صديون پوئتي ڌڪجي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.