ايران ۾ ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ته آمريڪا مداخلت ڪندو: ٽرمپ

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي صورتحال تي نظر رکي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن  ايران ۾ ماڻهو مارجي وڃن ٿا ته آمريڪا مداخلت ڪندو. هڪ بيان ۾ صدر ٽرمپ چيو ته ايراني حڪومت سالن کان پنهنجي ماڻهن سان بدسلوڪي ڪئي آهي، ۽ ايراني حڪومت کي پنهنجي ماڻهن کان جواب ملي رهيو آهي. هن چيو ته آمريڪا مداخلت ڪندو، پر ان جو مطلب ايران ڏانهن فوج موڪلڻ ناهي. هن چيو ته ايران هن وقت مصيبت ۾ آهي، مون کي لڳي ٿو ته ماڻهو ايران جي ڪجهه شهرن تي قبضو ڪري رهيا آهن. صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان-هندستان جنگ جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت سميت 8 جنگيون ختم ڪرايون. پاڪستاني وزيراعظم چيو ته صدر ٽرمپ لکين حياتيون بچايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.