ايران ۾ پرتشدد مظاهرن دوران رتوڇاڻ، مارجي ويلن جو انگ 217 ٿي ويو

اسلام آباد/تهران (م ڊ) ايران ۾ جاري پرتشدد مظاهرا شدت اختيار ڪري ويا  آهن ۽ آمريڪي ميڊيا موجب، واقعن دوران مارجي  ويلن جو انگ وڌي 217 ٿي ويو آهي، ايراني عملدارن انگن اکرن جي تصديق  ناهي ڪئي. 100 کان وڌيڪ شهرن ۾ احتجاج دوران سرڪاري ۽ خانگي عمارتن کي نقصان پهچايو ويو جن ۾ 26 بينڪون، 25 مسجدون ۽ فائر ٽرڪن سميت ٻيون گاڏيون شامل آهن. ڪجهه علائقن ۾ پوليس اسٽيشنن تي به حملا ڪيا ويا جن ۾ جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿيا. سڪيورٽي فورسز اڍائي هزار ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي. صورتحال کي ڏسندي انٽرنيٽ سروس وري معطل ڪئي وئي آهي جنهن جي ڪري پرڏيهه مان فون ڪالز ۾ رنڊڪون پئجي رهيون آهن. ڪيتريون ئي اڏامون پڻ دير جو شڪار يا معطل ٿي ويون. ايراني عملدارن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته ايران جي رياستي خودمختياري جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ ٻاهرين مداخلت روڪي وڃي. ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته داخلا معاملن تي آمريڪي بيان مداخلت ۽ دوکي جي برابر آهن. پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم موقف اختيار ڪيو آهي ته پرڏيهي حمايت رکندڙ عنصر احتجاج کي تشدد جو رخ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ٻاهرين مداخلت رياستي خودمختياري جي اصولن جي ابتڙ آهي. ايران ڪيترائي ڀيرا سازشن کي منهن ڏنو، هر ڀيري ان مان نڪري آيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.