ڪراچي ۾ پورهيت اڳواڻ اقبال ابڙو پوليس هٿان کنڀجي ويو، احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان ڪامريڊ اقبال کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو، پورهيت اڳواڻن ۽ انساني حقن جي اڳواڻن طرفان ڪامريڊ اقبال ابڙو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ٽريڊ يونين  پورهيت اڳواڻن، انساني حقن جي ڪارڪنن اقبال بٽ، پورهيت اڳواڻ ناصر منصور، نامور ترقي پسند دانشور  ڊاڪٽررياض شيخ ، سعيد بلوچ، رياض عباسي، ذوالفقار هاليپوٽو، حسن بادشاهه احسن محمود ايڊووڪيٽ، عاقب حسين، ڪامريڊ رابيل ابڙو، همت علي ڦلپوٽو، سائره فيروز، اقصيٰ ڪنول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ اقبال ابڙو کي پوليس هٿان اغوا جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ اقبال جي جبري گمشدگي، اغوا  ۽ کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪرڻ جهڙا واقعا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ملڪ هاڻي شهري حڪومت جي پردي ۾ پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي، اغوا ڪيل پورهيت اڳواڻ کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، مظاهرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوامي ڪالوني ڪورنگي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او ملڪ عامر، پورهيت اڳواڻ اقبال ابڙو کي پهرين ناجائز حراست ۾ رکيو، مٿس تشدد ڪيو ۽ پوءِ کيس ڪنهن نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، جبري طور گم ڪيل پورهيت اڳواڻ جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن هڪ وڏي صنعتي اداري (ٽاولرز لميٽيڊ) ۾ ناجائز طور برطرف ڪيل پورهيت جي حقن لاءِ آواز اٿاريو هو، هن طاقتور سرمائيدار سنڌ پوليس جي اعليٰ عملدارن سان ملي، ايس ايڇ او عامر ملڪ وسيلي پورهيت اڳواڻ خلاف غير قانوني ۽ غير آئيني ڪارروائي ڪئي، جيڪا قابلِ مذمت آهي، صنعتي ادارن ۾ هاڻي قانون جي ڀڃڪڙي عام ٿي چڪي آهي، جتي پوليس پورهيتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ جبر ۾ فيڪٽري مالڪن جو اوزار بڻيل آهي ۽ صنعتي امن کي تباهه ڪرڻ تي ڪڍ آهي، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ جڏهن به پورهيت سرڪاري طور اعلان ڪيل اجرتن جي بروقت ادائيگي، يونين ٺاهڻ، نوڪريءَ جا لکت ۾ مقررناما، سماجي تحفظ ۽ پينشن ادارن ۾ رجسٽريشن جهڙن بنيادي ليبر حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا ته کين صنعتي ترقي جا دشمن ۽ ملڪ دشمن قرار ڏئي پوليس ۽ ٻين ادارن وسيلي نه صرف ڊيڄاريو وڃي ٿو پر گرفتار ۽ غائب به ڪيو وڃي ٿو، فيڪٽرين جي مالڪن جي ڏوهن بابت ڳالهائيندي هنن چيو ته فيڪٽري مالڪ پنهنجا پورهيت دشمن ڏوهه لڪائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪن ٿا ۽ صنعتي تڪرارن کي قانوني فورمن تي حل ڪرڻ بدران رياستي ادارن، خاص طور پوليس، کي استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب پورهيتن ۾ سخت ڪاوڙ وڌي رهي آهي. حڪومت کي هن ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي. نوجوان، جيڪي ليبر فورس جو اسي سيڪڙو آهن، فيڪٽري مالڪن ۽ پوليس انتظاميا جي غير انساني روين سبب شديد استحصال جو شڪار ٿي رهيا آهن، جيڪو خطرناڪ ردِعمل کي جنم ڏئي سگهي ٿو.هنن اعلان ڪيو ته مصطفى گرائونڊ، ميٽروويل، سائٽ ايريا ڪراچي ۾ ليبر ڪانفرنس ۾ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.