پ پ وٽ سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو فارمولو،اسٽيبلشمينٽ کي واضح پيغام؟

اسلام آباد(اسد طور) نون ليگ حڪومت تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، پارٽي کي آهستي آهستي وڌيڪ وائکو ڪيو پيو وڃي؟ پيپلز پارٽي هن وقت پي ٽي آءِ کي سياسي اسپيس ڏئي اسٽيبلشمينٽ آڏو مستقبل لاءِ ٻه مختلف ماڊل ڪيئن پيش ڪري رهي آهي،ان عمل نون ليگ کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي، نون ليگ تي سخت دٻاءُ آهي ته ايندڙ 5 کان 6 مهينن ۾معيشت هلائي ڏيکاري،سڌارا آڻي ري اسٽرڪچرنگ ڪري،پر حقيقت اها آهي ته معيشت نٿي هلي، جي ڊي پي جا 3.7 سيڪڙو اوسر وارا انگ اکر اسٽيبلشمينٽ جي ويجهن بزنس ٿنڪ ٽئنڪن به رد ڪري ڇڏيا آهن،ايندڙ سال ٻيهر آءِ ايم ايف  پروگرام ۾ وڃڻ لڳ ڀڳ يقيني آهي ان جو مطلب اهو ٿيو ته عام ماڻهو جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿيندي،نفرت وڌندي۽ ان نفرت جو وڏو نشانو نون ليگ بڻجي رهي آهي،اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته نون ليگ کي هٽائڻ سان 50 سيڪڙو  عوامي ڪاوڙ پاڻمرادو گهٽجي ويندي، ڇو ته نون ليگ هن وقت پاڪستان جي سڀ کان غير مقبول جماعت بڻجي چڪي آهي۔اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ آڏو واضح پيغام ڏئي رهي آهي ڏسو، نون ليگ جو ماڊل ناڪام آهي اسان وٽ هڪ ٻيو طريقو آهي پيپلز پارٽي پي ٽي آءِ کي سنڌ ۾  جلسن جي اجازت،سياسي  اسپيس،عزت سان پيش اچي اهو ثابت ڪيو آهي ته سياسي درجا حرارت گهٽائي سگهجي ٿوپي ٽي آءِ به ان کي تسليم ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ انهن سان سٺو سلوڪ ٿيو۔پيپلز پارٽي هن وقت انتهائي هوشيار سياسي راند کيڏي رهي آهي، جڏهن ته نون ليگ وڌيڪ پريشان ٿي رهي آهي، هاڻي سوال اهو آهي:اسٽيبلشمينٽ ڪهڙو ماڊل چونڊيندي؟

لاهور ۽ ڪراچي جو فرق واضح،صدر زرداري جي سياسي چال،پي ٽي آءِ جي نفرت جو بيانيو دفن؟

اسلام آباد(حماد حسن)هڪ تمام مثبت ۽ سٺي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت هڪ چونڊيل وزيراعليٰ کي مڪمل پروٽوڪول ڏنو،سندس مهمان نوازي ڪئي،۽ باضابطه استقبال ڪيو،ان ڪهاڻي پٺيان ڪهڙو راز آهي؟جڏهن بينظير ڀٽو شهيد جي شهادت واري ڏينهن جي حوالي سان پروگرام ٿي رهيو هو،ان وقت خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به ڪراچي آيو هو۔ان کان پوءِ هو لاڙڪاڻي ويو اتي سندس ملاقات بلاول ڀٽو زرداري،صدر آصف علي زرداري۽ سنڌ جي وزيراعليٰ سان ٿي،انهن ملاقاتن ۾ اين ايف سي ايوارڊ بابت ڳالهيون ٿيون۔گورنر ڪنڊي چيو ته اسان وٽ ٻه ووٽ آهن، سنڌ ۽ بلوچستان جا،جيڪڏهن اهي اسان جو ساٿ ڏين، ته اسان به پنهنجو ووٽ ڏينداسين،انهن ملاقاتن ۾ ڪيترن مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي۔جڏهن بعد ۾ سهيل آفريدي اين ايف سي ايوارڊ واري معاملي ۾ آيو،ته توقع جي ابتڙ خيبرپختونخواهه کي سٺو ۽ مثبت رليف مليو۔ان جي پويان فيصل ڪريم ڪنڊي جون ڪوششون هيون جڏهن ته لاهور دوري دوران سهيل آفريدي ۽ سندس ٽيم سان خراب سلوڪ ڪيو ويو،پنجاب حڪومت جو ڪردار به مثبت نه هو۔ڪافي وقت اڳ آصف علي زرداري،نواز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات  ۾ چيو هو  ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي سڀ کان وڏي طاقت نفرت آهي۔هو نفرت وڪرو ڪري رهيو آهي،هن چيو ته هن سماج ۾ نفرت جلدي وڪامي ٿي،زرداري جو خيال هو ته هي نفرت عمران خان جي هٿ مان کسي وٺڻ گهرجي،ڪراچي ۾ نفرت جو ڦوڪڻو ڦاٽي پيو سنڌ جي وزيراعليٰ مراد علي شاهه،سهيل آفريدي کي فون ڪري  کيس مانيءَ جي دعوت  ڏني آهي،هاڻي هو قبول ڪري يا نه،پر پي ٽي آءِ وٽ هاڻي ڪو اهڙو نڪتو ناهي،جنهن تي هو پيپلز پارٽي کي گاريون ڏئي سگهي۔هيءَ ئي اصل سياست آهي،انهن دورن سان لاهور ۽ ڪراچي جو فرق به سامهون اچي ويو،لاهور ۾ چونڊيل وڏي وزير سان بي ادبي،سوالن جي آڙ ۾ توهين،گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو،اهو عمل ٻه قوميتون آمهون سامهون آڻڻ جي برابر هو۔جيڪڏهن سنڌ حڪومت سهيل آفريدي کي عزت سان هينڊل ڪري سگهي ٿي،ته پنجاب حڪومت به ڪري پئي سگهي،هن استقبال جو اصل معمار،آصف علي زرداري آهي جنهن مفاهمت جي سياست کي جاري رکيو،بلاول ڀٽو زرداري  سڌيون هدايتون ڏنيون، جڏهن ته سياسي صلاح فيصل ڪريم ڪنڊي ڏني هئي،گورنر ڪنڊي بلاول کي چيو هو ته  جيڪڏهن ڪراچي ۾ معمولي واقعو به ٿيو،ته پي ٽي آءِ ان کي پختونخواهه ۾ ڪيش ڪندي،ان کي روڪڻ گهرجي پيپلز پارٽي جي سياسي پختگي ڏيکاري پي ٽي آءِ کان وڪرو لائق بيانيو کسي ورتواها ئي اصل سياست آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.