خيرپور/پيرجوڳوٺ (رپورٽ: شاهد انور سيال/ وسيم سنڌي) حر جماعت جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته پاڪستان پاڪ فوج جي ڪري آهي، سياستدانن جي ڪري ناهي، اهو سڀني کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي، سياستدانن ۾ ڪو حال ناهي، ملڪ کي فوج هلائي رهي آهي، خدا پاڪ توهان سڀني کي هر آفت کان حفظ امان ۾ رکي، جماعت جا ٻار منهنجا ٻار آهن، منهنجا ٻار جماعت جا ٻار آهن، جماعت جي ٻارن کي پنهنجو ٻار ٿو سمجهان جيڪو خليفو يا ان جو پنهنجو نظر ٿو رکي يا بدتميزي ٿو ڪري ته ان کي برداشت نه ڪندس، ڪافي وقت کان شڪايتون ملنديون رهيون، درگذر ڪندو رهيس، پر جڏھن شڪايتون وڌي ويون ته خليفن ۾ تبديلي ڪئي، پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته غريب عزت چاهي ٿو، عزت نه ٿا ڏئي سگهو ته انصاف ڏيو، جيڪڏهن ٻئي نه ٿا ڏئي سگهو ته ان جو جماعت ۾ هلڻ مشڪل ٿي ويندو، اهڙو خطاب حر جماعت جي روحاني پيشوا جي ڊي اي سربراهه پير صبغت الله شاهه المعروف پيرپاڳاري پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ فقير محمد بخش ڪٽپر ۾ مريدن ۽ عقيدتمندن کي ڪيو، پيرپاڳاري وڌيڪ چيو ته پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيو، خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي ڌيان ڏيو. جيڪو توهان جي وس ۾ آهي اهو ڪيو، جيڪو ٻار نه ٿو پڙهي سگهي ان کي هنر سان لڳايو اڳتي هلي ان کي اهو ڪم ايندو، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجي جماعت جون نياڻيون به پڙهي لکي آفيسر ٿي ويون آهن، موسم تبديل چڪي آهي خبر نه ٿي پوي ته ڪهڙي مهيني ۾ ڪهڙو فصل پوکجي، آبادگارن بهتر قيمت نه ٿي ملي. ان موقعي تي ملڪ جي سلامتي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون.