راولپنڊي/لنڊن (م ڊ) بنگلاديش کان پوءِ عراق به جي ايف 17 ٿنڊر جنگي جهازن جي ممڪن خريداري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، هوائي فوج جو سربراهه، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، هن وقت عراق جي دوري تي آهي جتي عراقي هوائي فوج جي هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، هوائي فوج جي سربراهه عراقي هوائي فوج جي ڪمانڊر، ليفٽيننٽ جنرل مهند غالب محمد رادي الاسدي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي فوجي سهڪار، گڏيل تربيت، صلاحيت وڌائڻ ۽ هوائي صنعت ۾ سهڪار تي بحث ڪيو ويو. ملاقات ۾ گڏيل مشقون ۽ تربيتي پروگرام منعقد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. عراقي هوائي فوج جي سربراهه جي ايف 17 ٿنڊر جنگي جهازن، سپر مشتاق تربيتي جهاز ۽ لائف سائيڪل سپورٽ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ خطي ۾ استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار جي تعريف ڪئي. ٻئي پاسي برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز جي مطابق، پاڪستان سوڊان کي هٿيار ۽ جنگي جهاز فراهم ڪرڻ لاءِ 1.5 ارب ڊالر جي معاهدي جي آخري مرحلن ۾ آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو معاهدو سوڊاني فوج لاءِ هڪ وڏو واڌارو ثابت ٿيندو، جيڪا نيم فوجي ريپڊ سپورٽ فورسز خلاف وڙهي رهي آهي. رائٽرز جي مطابق، معاهدي جي تحت، پاڪستان سوڊاني فوج کي 10 قراقرم-8 هلڪو حملو ڪندڙ جهاز، نگراني ۽ خودڪش حملن لاءِ 200 کان وڌيڪ ڊرون ۽ جديد هوائي دفاعي نظام فراهم ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سپر مشتاق تربيتي جهاز ۽ جي ايف-17 جنگي جهازن جي فراهمي پڻ معاهدي جو حصو ٿي سگهي ٿي.نيوز ايجنسي جي مطابق، معاهدي کي پاڪستان جي وڌندڙ دفاعي صنعت لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته، پاڪستاني ۽ سوڊاني فوجي عملدارن فوري طور تي ان تي تبصرو نه ڪيو.