ايران ۾ مظاهرن سان اسرائيل جا خواب پورا نه ٿيندا: ترڪي

استنبول (م ڊ) ترڪي اسرائيل کي ايران جي اندروني تڪرارن جو فائدو وٺڻ جي ڪوششن خلاف خبردار ڪيو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان، ترڪ ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ايران ۾ جاري اندروني  تڪرارن جو فائدو وٺڻ جي اسرائيلي ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته ڪجهه مخالف قوتون ايران ۾ احتجاجن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن ۽ اسرائيل به صورتحال جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. حاقان فيدان اسرائيل تي غزه جنگ بندي معاهدي جي ايندڙ مرحلي ۾ رنڊڪ وجهڻ جو الزام لڳايو،  پر ترڪي غزا ۾ انساني امداد ۽ تعمير نو ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.