هاڻوڪو عالمي منظرنامو انتهائي خطرناڪ رخ ۾ ويندي نظر اچي ٿو، جيڪو قانون بدران طاقت جي حڪمراني جي واضح تصوير آهي، تازو وينزويلا جي مثال موجوده عالمي نظام، بين الاقوامي قانونن، عالمي امن ۽ سهڪار لاءِ ٺهيل ادارن ۽ سامراجي طاقت جي اصليت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، هتي سوال اهو ناهي ته صدر نڪولس مادورو جي حڪومت خراب هئي يا سٺي اهم سوال اهو آهي ته ڇا ڪنهن ملڪ کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي طاقت ۽ مفادن جي بنياد تي ٻين خودمختيار رياستن جي سربراهن کي ڏوهاري قرار ڏئي يا انهن کي پنهنجي ئي ملڪ مان "انٽرنيشنل ٽيررزم” ذريعي اغوا ڪري کڻي وڃي؟
وينزويلا پنهنجي آئين موجب هڪ صدارتي جمهوري نظام تحت هلي ٿو، جتي صدر ملڪ جو سربراھ ۽ حڪومت جو سربراھ هوندو آهي، هوگو شاويز جي دور کان وينزويلا "بوليوارين انقلاب” جي نالي سان هڪ اهڙو سياسي ۽ معاشي ماڊل اختيار ڪيو، جنهن ۾ رياست جي وسيلن، خاص طور تيل تي قومي ڪنٽرول ۽ آمريڪي بالادستي جي کلي مخالف شامل هئي، 2013ع کانپوءِ صدر بڻيل نڪولس مادورو انهي پاليسي کي جاري رکيو، جنهن سبب ملڪ کي هڪ پاسي اندروني معاشي بحران ته ٻي پاسي وري سخت عالمي پابندين کي منهن ڏيڻو پيو.
آمريڪا ظاهري طور ته جمهوريت، انساني حقن ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالھه ڪري ٿو پر عالمي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وينزويلا جهڙن ملڪن جي اصل اهميت انهن جي قدرتي وسيلن ۽ خاص ڪري تيل سان جڙيل آهي، جڏهن به ڪو ملڪ آمريڪي مفادن کان هٽي ڪري آزاد پاليسي اختيار ڪري ٿو ۽ روس، چين يا ايران جهڙن ملڪن سان لاڳاپا وڌائي ٿو تڏهن اهو آمريڪا لاءِ "مسئلو” بڻجي وڃي ٿو، عالمي قانونن موجب هر خودمختيار رياست کي پنهنجو سياسي نظام چونڊڻ جو حق حاصل آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي صدر کي اهڙي طريقي کنڀڻ يا ٻاهرين ملڪ جي عدالت ۾ اهڙي نموني نشانو بڻائڻ "رياستي اميونٽي” جي اصولن جي خلاف آهي، جيڪڏهن هر طاقت ور ملڪ پنهنجي عدالتن کي عالمي عدالت بڻائي ڇڏي ته پوءِ دنيا قانون بدران طاقت جي جهنگل ۾ تبديل ٿي ويندي.
جنوري جي 3 تاريخ ڇنڇر جي صبح تقريبن چار لڳي 21 منٽن تي آمريڪا جي صدر ڊونالڊ ٽرمپ "ٽروٿ سوشل” تي اعلان ڪيو ته آمريڪا بهادري جي مشن ذريعي وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ ان جي زال کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن جي ڪجھ ئي ڪلاڪن بعد صدر ٽرمپ صدر نڪولس مادورو جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان جي اکين تي ماسڪ، هٿ ۾ پاڻي جي بوتل ۽ کيس ٽريڪ سوٽ پاتل هو، ٽرمپ ان تصوير سان لکيو ته نڪولس مادورو "يو ايس ايس آئيوو جيما” تي، ياد رهي ته يو ايس ايس آئيوو جيما اهو ويڙهاڪ جهاز آهي جنهن جي ذريعي وينيزويلا جي صدر کي آمريڪا پهچايو ويو جتي هو آمريڪا جي عدالت ۾ منشيات ۽ هٿيارن جي الزامن کي منهن ڏيندو.
خابرو اداري روئٽرز، بي بي سي ۽ آمريڪي نيوز اداري سي بي ايس مطابق هن خطرناڪ جنگي ڪاروائي جي ڪيترن ئي مهينن کان منصوبابندي ۽ تياري ڪئي وئي هئي، آمريڪي فوج جي ايليٽ ڊيلٽا فورس وينيزويلا جي صدر مادورو جي سيف هائوس” گهر ” جي نقل تيار ڪري مسلسل ان ۾ ڪاميابي سان داخل ٿيڻ ۽ واپس نڪرڻ جي پريڪٽس تياري ڪئي هئي، ڊيلٽا فورس آمريڪي فوج جو سڀ کان وڏو دهشتگردي ٽوڙ يونٽ ادارو سمجهيو ويندو آهي، جيڪو انتهائي مخفي ۽ حساس ڪاروايون ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿو، سي آئي اي به زميني ٽيم ۽ صدر مادورو جي ويجهن ذريعن جي ذريعي ان جي سرگرمين ۽ رهائش واري جڳھ واري هنڌ جي نگراني ڪئي، آمريڪي صدر ٽرمپ مطابق چار ڏينهن اڳ ان آپريشن جي منظوري ڏني وئي پر فوجي عملدارن بهتر موسم جو انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏنو، اچانڪ موسم بهتر ٿي ۽ اسان چيو ته هاڻ وڃو.
چين،روس،ايران،چلي،برازيل ۽ ٻين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن آمريڪا جي هن جنگي ڪارروائي کي خطرناڪ قرار ڏيندي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال سيليا فلوريس کي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي، انهن ملڪن جو موقف آهي ته آمريڪي حرڪت انٽرنيشنل قانون ۽ بين الاقوامي قانونن جي بنيادي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي، آمريڪا اهڙي مثال قائم ڪئي آهي جيڪا امن، علاقائي سلامتي ۽ عام شهرين لاءِ خطرو آهي. وينيزويلا جي حڪومتي معاملن تي تنقيد ٿي سگهي ٿي پر ان جو فيصلو ڪرڻ جو حق فقط وينيزويلا جي عوام وٽ آهي، واشنگٽن يا نيويارڪ جي عدالتن کي اهو حق قطعي به ناهي، آمريڪا جو اهڙو رويو ۽ جنگي حرڪتون نه رڳو بين الاقوامي قانون کي ڪمزور ڪن ٿيون پر ان سان عالمي سطح تي عدم استحڪام کي پڻ وڌي ٿو ۽ آمريڪا جي هن جنگي حرڪت تي سڄي دنيا ۾ ڳڻتي ۽ حيرت واري صورتحال آهي.
هتي سوچڻ ۽ سمجهڻ جهڙو سوال اهيو آهي ته ڇا اڄ جي دنيا واقعي قانون ۽ اصولن تحت هلي رهي آهي يا طاقتور رياستن جي مرضي ۽ خواهشن موجب؟ مادورو ڪيس ان ڳالھ جو واضح مثال آهي ته سامراجي جارحيت هاڻي روايتي جنگن تائين محدود ناهي رهي بلڪ هاڻي اها "بدماش رياستي طريقن” سان به عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي، معاشي پاليسيون، سياسي پروپئگنڊا، ميڊيا ذريعي مهم، قانوني دٻاءُ وغيره اهي سڀ جديد دور جا اهي هٿيار آهن جن جي ذريعي ڪنهن به ملڪ کي بغير سڌي جنگ جي جهڪائي سگهجي ٿو، وينيزويلا وارو تازو مثال اهيو ثابت ڪري ٿو ته بين الاقوامي قانون، عالمي ادارا ۽ گڏيل قومون وغيره جهڙا ادارا عملي طور بي اثر بڻجي چڪا آهن، هاڻوڪي دنيا جي حقيقت طاقت جي کلي ڪشمڪش آهي، جيڪڏھن بين الاقوامي قانون واقعي به عمل ۾ هجن ها ته پوءِ ڪنهن به خودمختيار ملڪ جي سربراھ خلاف اهڙي نموني ڪارروائي يا دٻاءُ ممڪن نه هجي ها پر صدر مادورو وارو ڪيس ٻڌائي ٿو ته آمريڪا جهڙين بدماش سامراجي قوتن کي روڪڻ لاءِ نه ڪو مضبوط اصول رهيو آهي ۽ نه ئي ڪو ادارو، عالمي سطح تي اهڙو ڪو به ادارو موجود ناهي جيڪو غير جانبدار ۽ قانون جو محافظ هجي، مطلب قانون اڄ به موجود آهن پر صرف ڪتابن ۽ گڏيل قومن توڙي ٻين عالمي فورمز تي ٿيندڙ تقريرن ۾، عملي طور هاڻي دنيا ۾ ان جي جاءِ طاقت والاري ورتي آهي!
هي عالمي سطح جو خطرناڪ واقعو ان حقيقت کي پڻ وائکو ڪري ٿو ته اڄ جي دور ۾ طاقت کي فقط طاقت سان ئي محدود ڪري يا روڪي سگهجي ٿو، هي خيال نظرياتي طور بلڪل درست ۽ دلڪش ناهي پر موجوده حالتن ۾ ڪيترين ئي رياستن لاءِ اها هڪ تلخ حقيقت ۽ مجبوري بڻجي چڪي آهي، جڏهن قانون ڪمزور بڻجي وڃي ته پوءِ عالمي ادارا به خاموش تماشائي بڻجي وڃن تڏهن ڪمزور رياستن وٽ اتحاد، مزاحمت ۽ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نٿو بچي.
سامراجي جارحيت جو اصل مقصد هميشه وسيلن تي قبضو رهيو آهي، خاص ڪري توانائي جهڙا وسيلا جيڪي اڄوڪي جديد دنيا جي رڳن ۾ رت وانگر وهي رهيا آهن، تيل، گئس ۽ قدرتي دولت انهن سامراجي پاليسين جو مرڪزي محورُ آهن، انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ هر قسم جي لاقانونيت، بي رحمي ۽ غير اخلاقي روين کي جائز سمجهيو وڃي ٿو، ان صورتحال ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جهڙا نعرا صرف جواز طور ئي استعمال ڪيا وڃن ٿا، مادورو ڪيس سڄي دنيا جي ڪمزور ۽ آزاد پالسيون رکندڙ رياستن لاءِ کليل پيغام ۽ وارننگ آهي،اهڙين رياستن کي گهرجي ته اهي سامراج مخالف جدوجهد کي تيز ڪري ساٿ ۾ رياستن جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪن، جيڪڏهن طاقت ئي فيصلو ڪندڙ عنصر بڻجي وئي ته پوءِ عالمي امن فقط هڪ خواب بڻجي ويندو ۽ پوءِ جيڪو ڏاڍو سو گابو!