هالا ۾ وڌندڙ بدامني: خاموشي جو انجام ڪهڙو؟

پرويز علي ملاح

هالا، جيڪو ڪڏهن امن، صوفيت ۽ علم جو نشان رهيو آهي، اڄ وڌندڙ ڦرن، ڌاڙن سان گڏ منشيات ۽ فحاشي جهڙين سماجي برائين سبب سخت بحران جو شڪار بڻيل نظر اچي ٿو۔ شهر جون گهٽيون، بازارون ۽ رهائشي علائقا هاڻي محفوظ نه رهيا آهن، جتي ڏينهن ڏٺي ڦرون معمول بڻجي چڪيون آهن، اتي رات جو منشيات ۽ غيراخلاقي ڪاروبار سرعام هلي رهيو آهي۔

شهرين جو چوڻ آهي ته منشيات جو واپار کلي عام جاري آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهي طرف ڌڪجي رهيو آهي۔ اسڪولن، ڪاليجن ۽ آبادين جي ڀرسان نشي آور شين جي وڪري جا اطلاع ملڻ انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن۔ ساڳي وقت فحاشي به هالا جي سٺي سڃاڻپ کي داغدار ڪري رهي آهي، جنهن جو سڌو اثر سماجي قدرن ۽ خانداني نظام تي پئجي رهيو آهي۔

انهن حالتن ۾ ڦرن ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ به تيزي آئي آهي، ڇو ته منشيات ۽ غيرقانوني سرگرمين سان ڳنڍيل ٽولا ڏوهاري ماحول کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن۔ افسوس جو مقام اهو آهي ته ڪيترين ئي شڪايتن باوجود ڏوهارين خلاف اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي، جنهن سبب عوام جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تان اعتماد گهٽجندو پيو وڃي۔

شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا رڳو ڦرن خلاف نه، پر منشيات فروش ۽ فحاشي جي اڏن خلاف به بنا ڪنهن دٻاءَ جي سخت ڪارروائي ڪن۔ موثر پوليس گشت، خفيه نگراني، ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏيل حڪمت عملي وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي۔ جيڪڏهن هالا کي بچائڻو آهي ته رڳو بيانن سان نه، پر عملي قدمن سان منشيات، فحاشي ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ فوري ۽ بي لاڳاپا ڪارروائي ڪرڻي پوندي۔ ٻي صورت ۾، هالا جو نالو امن بدران بدامني ۽ اخلاقي زوال جي علامت بڻجي ويندو، جنهن جي ذميواري تاريخ ڪنهن کي به معاف نه ڪندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.