ڳڙھي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙھي ياسين ڀرسان مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن جو گهر تي حملو زال مڙس قتل ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ جوڻيجا ڪلھوڙا تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ زال مڙس قتل ٿي ويا، مقتولن جو تعلق جوڻيجا ڌر سان ٻڌايو پيو وڃي، قتل ٿيلن جي سڃاڻپ ﷲ يار ۽ صالحان ناريجو طور ٿي آهي جيڪي ٻئي زال مڙس هئا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏي، پوليس موجب اصل واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته زال مڙس جي قتل کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.