کٽمنڊو(م ڊ) نيپال ۾، ڪرپشن خلاف هڪ نوجوان تحريڪ حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، پر هاڻي اهي ئي نوجوان انهن حڪمرانن جي ڪارڪردگي کان سخت مايوس نظر اچن ٿا جيڪي انهن آندو هو. نيپال ۾، گذريل سال نوجوانن جي احتجاجن جي نتيجي ۾، رٽائرڊ سپريم ڪورٽ جي جج سشيلا ڪارڪي عبوري وزيراعظم طور سامهون آئي. عبوري حڪومت هن سال مارچ ۾ نئين چونڊن جو واعدو ڪيو هو. ميڊيا رپورٽن موجب، ملڪ ۾ تبديلي جي راهه هموار ڪندڙ نوجوان هاڻي عبوري سيٽ اپ کان به ناخوش آهن. عبوري حڪومت، جيڪا پرتشدد احتجاجن، درجنين موتن ۽ سوين زخمين جي نتيجي ۾ ٺهي هئي، پنهنجن واعدن کي پورو نه ڪرڻ جي الزامن کي منهن ڏئي رهي آهي. جنريشن زي مطالبو ڪيو ته بدعنوان سياستدانن کي جيل موڪليو وڃي ۽ انهن جي اثاثن جو احتساب ڪيو وڃي، پر عبوري حڪومت اڃا تائين ڪنهن به وڏي سياسي اڳواڻ خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. مارچ 2026 ۾ ٿيندڙ چونڊن بابت نوجوانن جي مختلف گروهن ۾ اختلاف آهن. ڪجهه جو خيال آهي ته احتساب کان سواءِ چونڊون صرف هڪ رسميت هونديون.هن تحريڪ ۾ شامل هڪ نوجوان مڪيش اوسٿي ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ هن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو. رپورٽ موجب، حڪومت جو اينٽي ڪرپشن ادارو اڃا تائين صرف هڪ وڏو ڪيس داخل ڪري سگهيو آهي، جنهن ۾ ڪو به اهم سياسي اڳواڻ شامل نه ڪيو ويو آهي.احتجاج ڪندڙن جي مطابق، جن سياستدانن تي ڪرپشن جو الزام هو، اهي ايندڙ چونڊن جي تياري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اڳوڻي حڪمرانن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي جن سيپٽمبر ۾ احتجاج ڪندڙن کي زخمي ڪيو.