حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي ٻيهر آڇ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزير طارق فضل چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. پارلياماني  معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊائلاگ ڪميٽي کي پي ٽي آءِ جي قيادت کان مينڊيٽ حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن مينڊيٽ ڏنو وڃي ته حڪومت ڳالهين لاءِ تيار آهي. پي ٽي آءِ مطالبو ڪري ٿي ته وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺي فيصلو ڪري. هن چيو ته ڳالهيون سياست جو ٻيو نالو آهن، وزيراعظم 5 ڀيرا کان وڌيڪ ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي. طارق فضل چوڌري وڌيڪ چيو ته اسان ڳالهين جي حق ۾ آهيون، ڪو به مسئلو اهڙو ناهي جيڪو ڳالهين ذريعي حل نه ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم سڀني وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي گذريل سال پنهنجي ڪارڪردگي جي تفصيل شيئر ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.