ڪراچي ۾ پسند جي شادي ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي جوڙو قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ لاسي ڳوٺ ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تي  اڻڄاتل هٿياربندن گهر ۾ گهڙي  تازو شادي ڪندڙ جوڙي کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته تازو شادي ڪندڙ جوڙو سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ ۾ رهائش پذير هو، جتي هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورت موقعي تي قتل ٿي وئي ۽ سندس مڙ زخمي ٿي پيو، قتل ٿيل عورت جي لاش ۽ زخمي مرد کي فوري طور عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي شخص به دم ڏئي ڇڏيو، واقعي جي اطلاع ملڻ شرط پوليس موقعي تي پهتي ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو، پوليس موجب قتل ٿيل عورت جي سڃاڻپ 28 ورهين جي لطيفه خاتون ۽ مرد جي سڃاڻپ 30 ورهين جي نصرالله ولد محمد بچل جي نالي سان ٿي آهي، پوليس موجب مقتول عورت جو تعلق مگسي برادري سان ۽ مرد جو تعلق لانگاهه برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، ٻنهي جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي، پوليس موجب واقعي ۾ 4 کان 5 جوابدار ملوث آهن، جوڙي کي غيرت تي نالي تي قتل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.