عمران مقبول پر پارٽي ۾ 20 ماڻهو گڏ نٿا هلي سگهن:اچڪزئي

لاهور(بيورو)تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته عمران خان کي لکين ماڻهو  چاهين ٿا پر هن جي تنظيم جو اهو حال آهي ته 20 ماڻهو گڏ نٿا هلي سگهن،هڪ مهم هوندي آهي،ان طرح سان انقلاب نه ايندا آهن،لاهور ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 8 فيبروري تي 25 ڪروڙ ماڻهن جي راءِ کي زر ۽ زور جي بنياد تي تبديل ڪيو ويو،هڪ پارٽي کان ان جو چونڊ نشان کسيو ويو،ان جي اڳواڻ کي اڃا تائين جيل ۾ رکيو ويو آهي، پوءِ به جوانن همت ڪئي ۽ طاقتورن جي سموري گيم ابتي ڪري ڇڏي هئي،هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي واقعي عمران خان سان محبت آهي ۽ هن ملڪ ۾ انصاف چاهيو ٿا ته 8 فيبروري تي گهرن مان ٻاهر نڪرو،ان ڏينهن تي پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو آهي،ان ڏينهن تي اسان روڊن تي عوام جو راڄ قائم ڪيو ته عمران خان جيل کان ٻاهر اچي ويندو،صرف نعريبازي سان ڪم نه هلندو،اسان عوام جي طاقت سان پاڪستان کي بچائينداسين،هن چيو ته اسان جي نه ڪنهن نوازشريف نه ڪنهن زرداري سان دشمني آهي،اسان هر ان اداري ۽ پارٽي جا مخالف آهيون جيڪو پاڪستان جي آئين سان کلواڙ ڪري ٿو،بدقسمتي سان 26۽ 27 هين ترميم ۾ انهن پارٽين ووٽ ڏنو جيڪي چونديون هيون ته ”ووٽ کي عزت ڏيو،غريب کي اٽو،لٽو،اجهو ڏينداسين“هن چيو ته اڄ غريب جي حالت ڪهڙي آهي،هاري جي حالت ڇا آهي،اڄ سرمائيدار هن ملڪ مان ڀڄي رهيو آهي،اسان هن ظلم جي نظام خلاف بيهنداسين،ڪنهن کي گار نه ڏبي نه ڪنهن کي پٿر هڻبو،هن چيو ته آمريڪا جهڙي ڪافر ملڪ ۾ هڪ ڪاري نسل جي ماڻهو جي پوليس هٿان قتل خلاف ڪروڙين ماڻهو روڊن تي نڪرن ٿا،اسان وٽ زندگي جي ڪا به اهميت ناهي،انهن حالتن ۾ گهرن ۾ ويهڻ مردانگي ناهي،اها نه غيرت،نه شرافت نه ئي مسلمانيت جي گهرج آهي،8فيبروري تي ملڪ بند ٿيندو ته حڪمران ڳالهين لاءِ ايندا،پاڪستان تڏهن بچندو جڏهن هتي آئين جي بالادستي هوندي،انصاف جو نظام هوندو،اسان ان ڪري لاهور آيا آهيون جيئن سڀاڻي لاهور اهو نه چوي ته توهان اسان کي تحريڪ جي دعوت نه ڏني،جيڪو ماڻهو آئين جو وفادار آهي اسان ان کي سليوٽ ڪريون ٿا،اسان پراڻي نعري لاءِ لاهور ۾ نوازشريف ۽ سندس سياسي گهر ۾ آيا آهيون،هن چيو ته باجوڙ کان ڪي پي تائين 8 فيبروري تي ماڻهو امن مارچ لاءِ نڪرن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.